مس يونيورس 2023 جو تاج شنيس پالاسيوس جي ناءُ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)مس يونيورس 2023 جو تاج نڪاراگوا سان تعلق رکندڙ 23 سالن جي حسينه شنيس پالاسيوس نالي ڪري ورتو،ايل سلواڊور ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي حسن جي مقابلي ”مس يونيورس“ ۾ 80 کان وڌيڪ ملڪن جي خوبصورتي جي حسينائن حصو ورتو. نڪاراگوا جي حسينا شنيس پالاسيوس مقابلو کٽيو جڏهن ته ٿائلينڊ ٻئي ۽ مس آسٽريليا ٽئين نمبر تي رهيو.نڪاراگوا جي هن خوبصورتي جو مقابلو کٽڻ واري پهرين عورت شنيس پالاسيوس مس يونيورس جو تاج پائڻ تي خوشيءَ سان روئي.

پهنجو تبصرو موڪليو