مذھب تاريخ جي روشنيء ۾،…

طفيل مگسي
وچ جو جيڪو ڊگهو جاگيرداري دور گذريو آھي.ان ۾ نظرين ۽ خيالن جو هڪ شعبو مذھبي عقيدن جي تحت هلندو هو.عوام جي جذبن کي باقي شيون ڇڏي ڪري مذھبي جذبن  ڏني ويندي هئي.ان ڪري اهو ضروري هو ته عوام پنهنجو مفاد پيش ڪن ته ان کي مذھبي عقيدن جي شڪل ڏئي ڪري پيش ڪن ته جيئن انهن ۾ تيزي سان پکڙجي وڃڻ جي قوت اچي وڃي.جيتوڻيڪ واپار.پيشيور دولتمند يا حيثيت وارو طبقو پوري قوت سان اڀري رهيو هو ۽ ان سان گڏوگڏ پروٽسٽنٽ مذھب به طاقتور ٿي رهيو هو ۽ جڏھن ان طبقي جي قوت تمام گهڻي مضبوط ٿي وئي.جاگيردار .امير ۽ بيورو ڪرٽن جي مقابلي ۾ انهن جي زور آزمائي هڪ شھر ۽ وسندي کان اڳتي وڌي ڪري سموري ملڪ ۾ پکڙڻڻ لڳي ته    پنهنجن خيالن کي عملي جامو پهرائڻ ۾ زبردست ڪاروائي ڪري وڌي.جيڪا“سڌار“جي نالي سان تاريخ ۾ مشھور ٿي.مگر سڌار جو اهو زبردست قدم ڪامياب نه رهيو.ڇوته ان وقت جا جيترا طبقا جاگيردارن.اميرن ۽ بيوروڪريٽن جي خلاف ڪاوڙ ۽ بي آرامي رکندا هئا.انهن کي هڪ مرڪز تي نه آندو ويو.ڪمزوري رهجي وئي.جنهن سان واپاري دولتمند طبقن کي اڳتي هلي ڪري شڪست جو سامهون ڪرڻو پيو ۽ جيڪا قوت ڀٺپاڻ وڌي ۽ سماج کي اڳتي وڌائڻ جي لاء زور هڻي رهي هئي.ان جي بدنظمي ۽ شڪست جي سبب کان سماجي سرگرمي بيهي وئي ۽ ٽن سو سالن جي ويجهو جرمني ۾ خاموشي ڇانيل رهي.

جيتوڻيڪ اهو لائو فرانس ۾ ڦاٽو.اتي ڪالون سڌار جي پروگرام.ان نظريي سان تيز ڪيو ته جنهن ۾ بورزوا طبقي انداز   ٿو.هن ڪليسائي نظام(چرچ) کي جهموري سانچن ۾ وجي ڇڏيو.ڪالون جو   ڇا ٿيو.مذھبي ۽ سماجي سڌاري جو پروگرام يورپ جي هڪ هڪ مڪڪ ۾ جاگيرداري جي خلاف زبردست نعرو ۽ جهنوري ساڻ کنيو پهتو.جنيوا ۾ .هالينڊ.اسڪاٽ لينڊ۾ هرهنڌ ھر جڳه هن مشعل روشن ڪري ڇڏي.۽ انگلينڊ ۾ جيڪو بورزوا (سرمائيداراڻي) انقلاب(جوڊرامو) ٿي رهيو هو.ان جي ٻئي ايڪٽ جي لاء نظرياتي لباس تيار ڪري ڏنو.هاڻي جيڪڏھن ڪالون جي تحريڪ کي ڏٺو وڃي ته پتو پوندو ته ان زماني جو جيڪوسرمائيدار طبقو هو.ان جي مفاد ۽ مقصد جي جي لاء اها تحريڪ هڪ مذھبي تحريڪ هئي.بعد ۾ (1689)۾ جيتوڻيڪ( انگلينڊ ۾ )ان دور جي سرمائيدارن .جاگيردارن ۽ اميرن ۾ ٺاه ٿي ويو.ليڪن ان ۾ اڀرندڙ سرمائيدار طبقي جو پلڙو ڳرو رهيو۽ وري کان سرڪاري ڪليسائي نظام قائم رهجي ويو.ليڪن پراڻو ڪيٿولڪ نظام نه بلڪ ڪالون جي اصول تي بڻايل چرچ.جنهن تي بورزوا طبقي جي مذھبي ۽ سماجي تصور جي ڇاپ هئي.۽ اڄ تائين انگلينڊ ۾ ساڳيو ئي چرچ هلي رهيو آھي.

فرانس ۾ ڪالون مذھب جا حامي اقليت ۾ رهجي ويا ۽ چٿيا ويا.(1658ع) ليڪن ان جو نتيجو اهو ٿيو ته مذھبي عقيدي کان آزاد ٿي ڪري سوچڻ واري تحريڪ هلي پئي ۽ شھنشاه لوئي چاروهم جيڪا زيادتي ڪرڻ چاهي.ان فرانس جي طبقي کي هن تي مجبور ڪري ڇڏيو ته اهي مذھبي وڳي کي بلڪل لاهي ڪري ۽ قطعي سياسي طريقن سان سياسي جنگ ڪن.ائين ڄڻ ته نئون اڀرندڙ سرمائيدار پنهنجي اقتدار جي جنگ ۾ مذھبي روپ ۽ عقيدن جي سهاري کان بلڪل بي نياز ٿي ويو.ان ريت سان عيسائيت پنهنجي آخري منزل ۾ داخل ٿي وئي.اها هينئر ان قابل نه رهي سگهي ته اڳتي وڌڻ واري طبقي جي گهرجن ۽ ان جي اميدن جي لاء نظرياتي   جو ڪم ڪري سگهي.اها هينئر وڌ کان وڏ حاڪم.طبقي جي ئي هٿ ۾ رهي.

فرانس ۾ ڪالون مذھب جا حامي اقليت ۾ رهجي ويا چٿيا ويا.(1458)ليڪن ان جو نتيجو اهو ٿيو ته مذھبي عقيدي کان آزاد ٿي ڪري سوچڻ واري تحريڪ هلي پئي ۽ شھنشاه لوئي چاروهم جيڪا زيادتي ڪرڻ چاهي.ان فرانس جي سرمائيدار طبقي کي هن تي مجبور ڪري ڇڏيو ته اهي مذھبي وڳي کي بلڪل لاهي ڪري ۽ قطعي سياسي جنگ ڪن.امين ڄڻ ته نئون اڀرندڙ سرمائيدار طبقو پنهنجي اقتدار جي جنگ مذھبي روين ۽ عقيدن جي سهاري کان بلڪل بي نياز ٿي ويو۽ ان ريت سان عيسائيت پنهنجي آخري منزل ۾ داخل ٿي وئي..اها هينئر ان قابل نه رهي سگهي ته اڳتي وڌڻ واري طبقي جي گهرجن ۽ اميدن جي لاء نظرياتي   جو ڪم ڪري سگهي.اها هاڻي وڌ کان وڌ حاڪم طبقن جي ئي مٺ ۾ رهڻ لڳي.۽ اهي(حاڪم طبقا) هن کي پنهنجي سرڪاري وسيلن جي طور تي استعمال ڪرڻ لڳا گه جيئن جيڪي هيٺيان(دٻيل )طبقا آھن.انهن کي انهيء ريت گرفتار رکيو وڃي ۽ وري اهو به ته انهن کان علاوه اهي به ته جيڪي مختلف طبقن منجهان هرهڪ پنهنجي سوچ جي(عيسائيت جي مختلف مذھبن منجهان) مطابق مذھب اختيار ڪري ورتو آھي.جيڪي جاگيردار.امير .اشرافيا آھن.انهن ڪيٿولڪ مسيحيت کي اپئائي ڇڏيو يا ڪٽر ۽ تنگ نظر پروٽسٽسنٽ لاڙي کي جيڪو آزاد خيال ۽ روشن سرمائيدار طبقو آھي.هن عقليت پسندي کي پنهنجو نصب العين بڻائي ورتو.اها ڳاله ٻئي آھي ته ڀلا ماڻھو پنهنجي پنهنجي مذھب تي ايمان رکن ٿا يا نه.

انگلينڊ مسيحيت جي تاريخي ۽ سماجي حيثيت جا اڀرندڙ نقشا پيش ڪيا.جنهن جو اهو نتيجو ڪڍيو آھي ته “اسان ڏسون ٿا ته مذھب جڏھن هڪ ڀيرو مضبوط بڻجي ويوته پوء ان ۾ پراڻو خيال سدائين موجود رهي ٿو.،،ليڪن ان ۾ جيڪي تبديليون ٿينديون رهن ٿيون. سماج جي اندر طبقاتي رشتن سان يعني ٻين لفظن ۾ ائين چوڻ گهرجي ته جيڪي ماڻھو اهي مذھبي تبديليون ڪن ٿا جيڪي (سماج جي اندر)انهن جي معاشي حيثيت هوندي آھي ان جي مطابق تبديلي اچي ٿي“

پهنجو تبصرو موڪليو