قومي اليڪشن 2024 پ پ ۽ سنڌ جي عوام جي درد ڪٿا !!!

محمد اسماعيل لانگاھ
جنرل مشرف جي آمريتي دور ختم ٿيڻَ ۽ محترمه بينظير ڀُٽو جي شهادت کانپوء زرداري جي قيادت ۾ ٻين صوبن کان هٽي ڪري پ پ سنڌ اندر ظاهري طرح پنهنجو پاڻَ کي اهڙو ته مضبوط ڪيو جو پندرنهن ورهين کان انجي متبادل ۽ مقابلي لاء ڪابه سياسي پارٽي پاورفل نٿي سگهي آهي ان عرصي دوران سنڌ ۾ ڪيتري تعليم صحت روڊ رستن زراعت انڊسٽري ڪيتري ترقي ڪئي عوام جا سامهون آهي جڏھن جيڪڏھن پندرنهن سالن مان صرف پنجن سالن جي بجيٽ سنڌ جي ترقي تي خرچ ڪجي ها ته شايد غريب عوام ننڌڻڪي ۽َسنڌ مسئلستان بڻيل نه هجي ها ڪرپشن جي بازار گرم رهڻَ سبب هي پهريون ڀيرو آهي سنڌ ۾ ن ليگ پ پ خلاف سياسي جنگ وڙھي رهي آهي جڏھن جنرل مشرف طرفان نواز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪري کيس ڏھن سالن لاء نااهل ڪرڻَ سان گڏوگڏَ جلاوطن ڪيو ان دوران جنرل مشرف بينظير ڀٽو جي وطن واپسي تي پابندي لڳائي ڇڏي ۽ ن ليگ سربراه جلاوطني دوران محترمه بينظير ڀُٽو سان سمورا سياسي اختلاف ختم ڪري ميثاق جمهوريت نالي معاهدو ڪيو ان دوران پ پ ۽ ن ليگ ۾ سياسي اختلافن ۾َ بلڪل هم آهنگي رهي جڏھن سن 2013 ۾َ نواز شريف وزير اعظم بڻيو ته عمران خان پاران اسلام آباد ۾ لڳايل ڌرڻي ۾ مفاهمتي ڪردار ادا ڪندي نواز شريف کي ان مشڪل وقت ۾َ بچايو، ان کانپوء وري جڏھن عمران خان وزير اعظم ٿيو ته انجي حڪومت کي ختم ڪرڻَ ۾َ ن ليگ ۽َ پ پ گڏجي اهم ڪردار ادا ڪيو پي ڊي ايم نالي ٺھيل سياسي اتحاد واري پليٽ فارم تان پندرنهن مهينن جي سرڪار ۾ هڪ ٻئي جا ٻانهن ٻيلي رهيا پر پندرنهن سالن جي ن ليگ ۽ پ پ جي اتحاد ۾ وڏا ڏار پئجي ويا آهن ۽ ن ليگ طرفان 2024 جي قومي اليڪشن جو وقت ويجهو ايندي ئي پ پ خلاف سنڌ ۾ وڏو سياسي محاذ تيار ڪيو ويو آهي جنهن لاء گادي واري شهر ڪراچي کي سرگرمين جو اڏو ٺاهيو ويو آهي جتي ايم ڪيو ايم ف ليگ قومپرستن سميت ٻين مختلف ننڍن ننڍن.سياسي اڳواڻن سان صلاح مشورا ۽ سياسي مفاهمت ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاء ڳالهيون جاري ساري آهن.جنهن ۾ ن ليگ قيادت طرفان پارٽي جي صوبائي صدر بشير ميمڻَ کي پ پ خلاف محاذ جوڙڻَ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ۽ بشير ميمڻَ جي سياسي سرگرمين مان پ پ قيادت ظاهري طرح خوفزده نظر اچي رهي آھي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻَ کانپوء پ پ خلاف ٺھيل محاذ جي اهم اڳواڻن فهميده مرزا، ذوالفقار مرزا، محمد خان جوڻيجو ۽ ٻين جا فارم رد ڪيا ويا آهن جيڪا خبر پ پ لاء بهتر ثابت ٿي سگهي ٿي اليڪشن ڪميشن پاران ملڪ ۾ قومي اليڪشن ڪرائڻَ واري اعلان کانپوء خاص طور سنڌ صوبي ۾ پ پ جي حمايتي وڏن سياسي ڀوتارن جي ننڊ ان ڪري حرام ٿي وئي آهي ته گذريل ٽن ورهين کان صوبي کي مسئلستان بڻائيندڙ سياستدان پريشان آهن خراب ڪارڪردگين سبب عوامي غصي ۽َ ڪاوڙ کي ڏسي ڪري پنهنجن پنهنجن تڪن ۾َ اليڪشن مهم خطري ۾.ڏسي ڪري کين وڏيون پريشانيون سامهون اچي ويون اٿن ته ڪهڙي نموني سان صوبي جي ڏُتڙيل عوام مهانگائي بُک بدحالي ٻوڏن ۾ ٻُڏل بي گهر ٿيل مسئلن جي ماريل ماڻھن کان ووٽ جي گُھر آخر ڪيئن ڪجي ان لاء آصف زرداري طرفان پ پ جي ڪريل ساک بچائڻَ ۽َ اليڪشن کٽڻَ لاء فارمولو طئي ڪري ڇڏيو آھي ته ان کان پهرين سياسي نمائندن خاص ڪري سنڌ جي ڀوتارن جي ڀر وٺڻ جون پوري سنڌ ۾ ضلعي ، تعلقي ۽َيوسي سطح تائين پ پ قيادت کي هدايتون ڏنيون ويون آهن جنهن سرداري نظام جي گرفت ۾َ جڪڙيل سنڌَ جي ننڍن ننڍن سردارن سان خفيه نموني ميٽنگن وارو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي پر پ پ خلاف پکڙيل عوامي غصي ۽ ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻَ پ پ لاء ڏاڍو مشڪل نظر اچي پيو عوام هن وقت سخت ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ورتل آهي جڏھن ته سنڌ صوبي جي غريب عوام سنڌ ۾ پ پ جي پندرنهن سالن جي بدترين ناقص حڪمراني ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ٻوڏن ۾َ گهرن کان بي گهر ٿيل هئڻ سبب سخت پريشان آهي تڪ جي چونڊيل نمائندن چند ٽڪن عيوض ضمير وڪڻندڙ سردارن ۽ ڀوتارن کي اڳيان آڻي عوام جون حمايتون وٺڻ شروع ڪيون آهن پي پي قيادت گذريل پندرنهن سالن کان اقتدار ۾ آهي پر عوام کي جيڪي تڪليفون پيش اچي رهيون آهن ان حوالي سان پ پ ڪابه خاص ڪارڪردگي عوام آڏو پيش ڪري نه سگهي آهي پ پ جي ناقص حڪمراني ۽ مهانگائي ماريل سنڌ صوبي جي عوام سان جيڪي ويساه گهاتيون ڪيون سي عوام کان وسريون ناهن ٽن ورهين تائين عوام کي سواء ڏُکن تڪليفن جي ڪُجھ نه ڏنو چئن سالن کان سنڌ مسلسل ٻوڏن جي لپيٽ ۾َ رهي پر پ پ پنهنجي صوبي جي بجيٽ ته خرچ نه ڪري سگهي پر عالمي ادارن طرفان سنڌ جي لکين ٻوڏ متاثرن لاء آيل اربين رپين جو امدادي سامان ۽ رقمون هڙپ ڪيون ويون، ھن وقت تائين به پ پ قيادت پنهنجي انهن ڪوڙين دعوائن ۽ عوام سان همدردين تان هٿ ناهي کنيو اڃا به کيس هام هڻندي ٻُڌو پيو وڃي ته موقعو مليو ته سنڌ کي جنت بڻائينداسين پندرنهن سالن کان پ.پ سنڌ کي جنت ته نه بڻائي سگهي پر جهنم بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي پ پ جيڪڏھن چاهي هاته صوبي ۾ ترقي ٿي پئي سگهي پر سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ۾ عوام کي ڪي به بنيادي سهولتون ميسر نٿي سگهيون سمورن بنيادي سهولتن جو بُحران رهيو روڊ رستا, پيئڻ جو صاف پاڻي صحت تعليم سميت ڪي به مسئلا حل نه ڪيا ويا غريبن کان جيئڻَ جو حق کسيو ويو پ پ سنڌ جي عوام کي وڌيڪ ڏُکارو بڻايو جيڪي ڏُک ورهين تائين وسارڻ جهڙا ناهن پ پ کان جيڪڏھن اقتدار جي نشي ۾ عوام جا اهنج وسري به ويا آهن ته انهن جا عوام کي ڏنل ڏُک به ناهن وسريا جيڪڏھن سنڌ جا ٽُٽل روڊ رستا, تباه ٿيل اسپتالون اسڪول, واٽر سپلاء اسڪيمون ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان عوام کي محروم رکيو ويو هن وقت پوري ملڪ اندر جيئن جيئن قومي اليڪشن 2024 جي ماحول ۾ گرما گرمي اچي رهي آهي تيئن سنڌ ۾ پ پ پنهنجي سرگرمين ۾َاضافو ڪري ڇڏيو آهي پر سنڌ جي عوام هن وقت ڄاڻي چُڪو آهي ته ملڪ جي ستر سالن جي تاريخ ۾ غريب عوام جي تقدير تبديل نه ڪندڙ سياستدانن مان بهتر فيصلن واري اميد رکڻَ فضول آهي پ پ قيادت ۽ عوام طرفان ڪيل الڳ الڳ فيصلن جي موٽ ۾ سنڌ ۾ پ پ عوام کي راضي ڪرڻ لاء ڪهڙو آپشن اختيار ڪري ٿي ۽ پنهنجي ٿيل ڪارڪردگي آڌار ڪهڙا نوان فيصلا عوام سامهون آڻي ٿي جيئن هر ايندڙ اليڪشن کان اڳ عوام سان جيڪي وعدا ڪيا ويندا رهيا پر وفا نه ٿيا هاڻي فيصلو صرف عوام کي ڪرڻو آهي جيڪڏھن اڃا به سنڌ جي عوام پ پ تي اعتماد ڪري اقتدار ۾ آڻي ٿي پوء کيس ايندڙ چار سالن تائين دانهن ۽ ڪوڪن جو درمان ايئن ئي ٿيندو جيئن پ پ پوئين پندرنهن سالن ۾َ سنڌَ جي خدمت ڪئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو