فلسطين ۾ اسرائيل جي ظلم خلاف سڄي دنيا ۾ مظاهرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فلسطين ۾ اسرائيل جي ظلم ۽ بربريت خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، لنڊن ۽ پيرس ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ اسرائيل کان انساني جانين جي ضياع جي حساب جو مطالبو ڪيو، لنڊن ۾ اسرائيلي سفارتخاني ٻاهر احتجاج ڪيو ويو ان دوران مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون، جنهن ۾ ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته پيرس سوڌو فرانس جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هزارين ماڻهو فلسطين جي حق ۾ روڊن تي اچي ويا، مظاهرين اسرائيل جي خلاف نعريبازي ڪئي ۽ فرانس سان اسرائيل سان واسطا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، اسپين جي گادي واري شهر ميڊرڊ ۾ به سوين ماڻهو فلسطين جي حق ۾ ريلي ڪڍي اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو