ضمير وسطڙو
اسان فلسطين جا يتيم ٻچڙا آهيون، خبر ناهي اڃا ڪيترو وقت الله پاڪ جي جوڙيل جهان ۾ زنده آھيون، اسان جا گهر اسان جا ابو امان ڀائر ڀينر مائٽ عزيز اسرائيلي دهشتگردي جي ٻاريل باھه ۾ سڙي خاڪ ٿي ويا اسان جا گهرڙا ڀور ڀور ٿي ويا اسان جو ڪجهه نه بچيو آهي اسان وقت جي ڪربلا جي ميدان ۾ موجود آهيون اسان ڪيترن ئي ڏينهن کان اڃارا ۽ بکارا آهيون اسان جو هڪ هڪ عضوو زخمن سان چُور چُور آهي اسان اهي معصوم ٻارڙا آهيون جنهن جي زخمن تي مرهم رکڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪو پاڻيءَ جو ڍُڪُ به پيارڻ لاءِ تيار نه آهي. افسوس سڀ اسلامي ملڪ ڪوفين وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ اسان جي مظلومیت تي ائين ئي خاموش آهن جيئن ڪربلا مولا ۾ امام حسين عليه السلام جي شهادت تي ڪوفي وارا خاموش هئا. چوندا آهن ته تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي بلڪل تاريخ پاڻ کي ورجائي رهي آهي ۽ معرڪه ڪربلا ٻيهر برپا ٿي چڪو آهي. ٿي سگهي ٿو ڪجهه ڪلاڪن يا ڏينهن ۾ اسان به ماريا وڃون ۽ پنهنجي پيارن سان جنت الفردوس ۾ وڃي ملون ۽ پنهنجي رب کي مسلمانن جي بي حسي ۽ بي رحمي جي دانهن ڏيون. اسان اهي بد نصيب ٻارڙا آهيون جن کي اها به خبر نه آهي ته دنيا ۾ اسان کي قبر جي به جڳھه ملندي الائي نه يا ڪربلا جي شهيدن وانگر هڪ اجتماعي قبر ۾ دفن ڪيا وينداسين جنهن کي تاريخ هڪ ٻئي گنج شهداء جي طور تي ياد ڪندي. اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ کان پهريان اسين مسلم امه جي ٻارڙن کي هڪ پيغام ڏيڻ ٿا چاهيون. اسان اهو پيغام ان ڪري به ڏيڻ ٿا چاهيون ته اسان سمجهون ٿا ته اهي به اسان وانگر بيگناه آهن اسان جو قصور صرف اهو آهي ته اسان سمنڊ جي ڪناري تي آباد فلسطين جي هڪ بستي غزه ۾ فلسطيني والدين جي گهرن ۾ پيدا ٿياسين. اسڪول ۾ اسان ٻڌندا هياسين ته غزه دنيا جو وڏي ۾ وڏو جيل آهي 7 اڪٽوبر کانپوءِ اسان جي اکين جي آڏو هزارين معصوم ٻارڙا ماريا ويا آهن جيڪو منظر اسان جي ذهن ۽ دماغ تي نقش ٿي ويو آهي اسان کين پنهنجي اکين سان تڙپندو ڏٺو آهي ٿي سگهي ٿو ته جيڪي اسان معصوم ٻارڙا بچيا آهيون اسان کي ٻيو قتل ٿيندي ڏسي. مرڻ وارن ٻارڙن ۾ ڪجهه اهڙا به هيا جن اڃان ڳالهائڻ به ڪون سکيو هيو جن کي نه ثواب جي خبر هئي ۽ نه گناھ جي خبر هئي هنن کي ته اها به خبر نه هئي ته سندن مذهب ڪهڙو آهي پر ملعون اسرائيلن کين به نه بخشيو بلڪل اهڙي طرح جيئن شمر ملعون مولا حسين عليه السلام جي معصوم ٻچڙي علي اصغر کي نه بخشيو هيو
اي دنيا جي مسلمانن جا ٻارڙئو اوهان اسانجي پيارن کي قتل ٿيندي پنهنجي ٽي وي اسڪرين ۽ سوشل ميڊيا تي ته ضرور ڏٺو هوندو ۽ اوهان اسان جي پيارن جا رت ۾ ٻڏل لاشا به ضرور ڏٺا هوندا ۽ ان سان گڏ اسان جون دانهون ۽ فرياد به ضرور ٻڌا هوندا ۽ اوهان کي تڪليف به ضرور پهتي هوندي. اسان اوهان کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اوهان تعلق ڪهڙي به ملڪ، قوم يا نسل سان آهي پر اوهان جي گنهگار هجڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي جو اوهان مسلمان آهيو اڄ اسان تي قيامت گذري رهي آهي سڀاڻي اوهان جو نمبر به اچڻ وارو آهي.
يهودي ۽ نصارا گڏجي اسان کي ماري رهيا آهن اسان جون مسجدون بمباري سان اڏايون ويون آهن.اسانجا اسڪول کنڊرات ۾ تبديل ٿي چڪا آھن اسانجون اسپتالون زبون ڪيون ويون آھن۔ اسان کان سڀ سهارا کسيا ويا آھن
اي مسلم امه جا ٻارڙئو!!! اسان جو قبله اول بيت المقدس اسان کان کسيو ويو آهي الله پاڪ جي نبين جي سرزمين تي رت جون نديون وھڻ شروع ٿي ويون آهن پر مسلم امه خاموش آهي. اسان جي سرزمين کي اهڙي سعادت حاصل آهي جيڪا ڪنهن ٻي سرزمين کي شايد حاصل نه هجي اسان وٽ مسجد اقصيٰ آهي جتي خاتم النبيين امام المرسلین محمد مصطفي صلعم شب معراج واري رات اسان جي سرزمين تي سوا لک انبياء جي امامت ڪري معراج طرف روانا ٿيا هئا. اسان فلسطيني مظلوم ٻارڙا پوري دنيا جي مسلمان ڀائرن کي صرف ايترو چوڻ ٿا چاهيون ته اسان لاءِ ڀلي نه اٿو پر پنهنجي مستقبل لاءِ آواز بلند ڪريو اڄ اسان تي قيامت صغريٰ برپا ٿي چڪي آهي سڀاڻي اوهان سان به اهو سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. اسان ته مري ڪري به زنده رهنداسين افسوس آهي جو اوهان پاڻ کي زنده سمجهو ٿا۔ جڏهن قومون اجتماعي معاملن تي نه اٿنديون آھن ته حقيقت ۾ اهي مرده هونديون آھن۔ اي مسلمانو!! هاڻي اسان پنهنجي اکين سان توهان جا زنده لاش ڏسي رهيا آھيون۔
