طفيل مگسي
اسان انسانن جي تهذيب وتمدن جي تاريخ اصل ۾ اسان جي علم جي تاريخ آھي.جنهن جو دائرو وقت سان گڏوگڏ پکڙبو رهي ٿو يا ائين کڻي چئو ته علم پنهنجي ڪانٽينٽ ۽ فارم ۾ مسلسل ڪشادگي ۽ روشني آڻيندو وڃي ٿو.
حقيقي علم ڪتابن يا علم سان ٽمٽار بحثن کان ٿيندو انسان جي شعور جو حصو بڻجي وڃي ٿو ۽ جنهن کانپوء اهو نظريي ۾ پوئجي ٿو۽ نظريي کانپوء وري عمل ۾ پوئجي وڃي ٿو.۽ وري جڏھن عمل ۾ پوئجي ٿو ته اڳ کان وڌيڪ طاقتور.شفاف ۽ منظم ٿي ڪري ڪتابن ۽ بحثن جي صورت ۾ واپس انسان جي ذھن تي آواز ڏيئي ٿو ته جيئن اهو انساني عمل جي راهن کي ٻيهر کان وڌيڪ منظم ۽ مڪمل طور تي مقرر ڪري پنهنجي تاريخ جي ايندڙ جستجو کي سدائين جيان ممڪن بڻائي سگهي.علم.جي گذريل سموري تاريخ ان ڳاله جي شاهد رهي آھي ته علم صرف انهن انسانن جي ذھنن جي مدد سان اڳتي وڌيو ۽ مسلسل پکڙيو آھي ته جن ذھنن ۾ اھا قوت يا پائيداري موجود هئي ته جنهن ۾ اھو نظريي کان ٿيندو عمل ۾ پوئجي ڪري واپس پنهنجو پاڻ تائين پهڇڻ ۾ لائق ٿيو هجي.
ڪتاب پڙھڻ آسان ڪم آھي يا علم.سان ٽمٽار فردن جي بحثن ۾ شرڪت ان کان به وڌيڪ آسان ڪم آھي.علم جو ذھن ۾ ڪنهن حقيقي نظريي سان ڳنڍجي وڃڻ به عام ئي ڳاله آھي.جيتوڻيڪ حاصل ٿيندڙ يا ٿيل يا وري جذب ٿيل علم يا نظريي کي پنهنجي عمل ۾ پوئي ڇڏڻ يا علم کي علم جي ئي پهرين صورت جي سامهون آڻي ڪري ان کي اهڙي تاريخ جي اڳئين ڏاڪڻ تائين ڇڏي اڇڻ تمام مشڪل ۽ ٿڪائي وجهڻ واري حد تائين نهايت ڏکيو ڪم يا ذميواري هوندي آھي.جنهن جا لائق ڪروڙن انسانن منجهان صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي هوندا آھن.
پنهنجي حاصل ڪيل علم کي پنهنجي روزاني واري زندگي يا عمل جو حصو بنائڻ جي طاقت و قوت اهڙي ناهي ته اها پيدائشي امانت جي ٿيل هوندي آھي بلڪ ان جو سبب علم جو ڦڙو ڦڙو يا برسات جي شڪل ۾ ذھن وشعور جي ٺوٺ ۽ اڄاري زمين ۾َ ٺيڪ وقت ۾ جذب ٿي وڃڻ آھي.۽ علم جي جذب ٿي وڃڻ کانپوء ذھن.جسم و وجدان جي لاء ان کي عمل ۾ پوئڻ يا ان کي عملي مظھرن جي سطح تائين وٺي وڃڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نٿي اچي.
سقراط کي وات بند رکڻ جي لاء زهر جو پيالو پيئڻ ۾ ڪا ڏکيائي نٿي.ارسطو ڪنهن بادشاه جي تعريف جي نتيجي ۾ ملڻ واري محبت ۽ جسماني اميري جي مقابلي ۾ شھر ڇڏي ڪري اڪيلو مرڻ ۽ ظاهر ۾ تباه ٿي وڃڻ جي چونڊ ڪئي ڪنهن نه ٽوڪيس.رازي کي عزت و شھرت جي حاصلات جي بجاء انڌي رهڻ ڪڏھن نه ٿڪايو.ابن رشد پنهنجي لاش کي هزارين ۽ لکين ماڻھن جي ڪلهن تي کڻائي وڃڻ جي بجاء گڏھ تي رکي ڪري پنهنجي ابدي بارگاه تائين پهڇائڻ ۾ ڪا پريشاني نه ٿي.برونو کي پادرين جهڙي طاقت حاصل ڪرڻ جي خواش جي بجاء ٻرندڙ ٽانڊن جي حوالي ٿي وڃڻ واري همت هڪ پل به کيس کي پوئتي پاسو ورائي ڪري ڏسڻ جو موقعو نه ڏنو.اسپي نوزا وڏي آساني سان گڏ ڪيمونٽي ۾ عزت ۽ عيش ڀري زندگي تي معاشري کان نيڪالي ۽ وقت جي گذاري جي خاطر شيشي جي صفائي جهڙي معمولي ڪم.کي فوقيت ڏني ۽ اهو سڀ ڪجه وڏي ثابت قدمي ۽ خوش مزاجي سان گڏ برداشت ڪيو ته جنهن جو ان زماني ۾ تصور به عام انسان جي لاء موت کان وڌيڪ ڀيناڪ هوندو هو.۽ انساني تاريخ ۾َ انسانيت جو سڀ کان وڏو ۽ ناقابل شڪست ڪيس پيش ڪرڻ واري عظيم ڪارل مارڪس کي بک و غربت.ڀيناڪ مصيبتن.ڳوڙھن ڏکن.بيپناه درد ۽ زال ٻارڙن جي کاڌي جي کوٽ جي سبب کان موت جهڙي ناقابل برداشت ۽ ڳوڙھا زخم ملي ڪري به هن کي انسانيت جي ڪورٽ ۾ پنهنجو ڀرپور ۽ شاندار ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي نه سگهيا.انسان جو عمل ان جي حاصل ٿيل علم جي ٺيڪ سان جذب ٿي وڃڻ جو اهو اڪيلو پيمانو آھي.عمل انسان جي هئڻ جي نشاني آھي.جديد فلسفي جي باني“ڊيڪارٽ“جڏھن چيو هو ته “مان سوچان ٿو ان ڪري مان آھيان“ته هن کي ڪافي عرصي کانپوء “فختي“جواب ڏنو هو ته“مان عمل ڪريان ٿو ان ڪري مان آھيان“
انهن ٻنهي فردن ۾ عمل جو آواز ۽ پڪار هئي.جنهن جو پڙاڏو شعور و ذھن جي مختلف حصن کان ٿي ڪري ٻاھر اچي رهيو هو.
علم عمل جو ۽ عمل علم جو اڌ دائرو آھي.ان لاء هر حقيقي علم جو پورائو عمل سان ۽ عمل جو پورائو علم يا نظريي سان هينئر تائين ٿيندو آيو آھي ۡ۽ اهو سلسلو لامحدود زماني تائين ائين ئي هلندو رهندو.
جن جو علم انهن جي عمل سان اتفاق نه ڪندو هجي ته پوء اھي زندگي جي محبت ۾ وک وڌائڻ جي لائق ناهن هوندا.ڇاڪاڻ ته حقيقي محبت.حقيقي علم جي تازي عمل سان گڏ اتفاق جو نتيجو هوندي آھي.
خليل جبران چئي ٿو ته زندگي جيڪڏھن خواهش کان خالي هجي ته اها مصيبت آھي.خواهش يا جذبو علم بنا انڌو آھي.علم عقل کانسواء اڻپورو ۽ عمل محبت کانسواء وحشيت ۽ درندگي آھي
