عالم اسلام تي روئڻ نه پر کلڻ سکو، وسعت الله خان

جيڪو جيڪو نريندرا مودي کي متحده عرب امارات پاران ملندڙ اعليٰ ترين سول ايوارڊ “آرڊر آف زيد” ملڻ تي ڏمريل آهي ان کي معلوم ٿيڻ گهرجي ته اهو “آرڊر آف زيد” وارو ايوارڊ پاڪستان جي اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف کي به جنوري 2007 ۾ ملي چڪو آهي. جيڪو اپريل 2016 ۾ مودي کي اعليٰ ترين سعودي ايوارڊ “آرڊر آف ڪنگ عبدالعزيز” ڏيڻ تي اعتراض هيا شايد انهن کي اها ڄاڻ هجي ته جيڪڏهن ڪنهن پاڪستاني سويلين عهديدار کي اهو ايوارڊ نه مليو هجي پر 6 پاڪستاني جرنيلن کي پاڪ سعودي عسڪري تعلقات جي استحڪام بدلي اهي اعليٰ ترين اعزاز ملي چڪا آهن جنهن ۾ جنرل پرويز مشرف، جنرل راحيل شريف، جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جي ٻن سربراهن جنرل طارق مجيد ۽ جنرل زبير محمود حيات، فضائيه جي سربراه ايئر چيف مارشل سهيل امان ۽ نيول چيف ايڊمرل زڪاءُالله شامل آهن جيڪي سڀ ريٽائر ٿي چڪا آهن. اها ڳالهه صحيح آهي ته هڪ اهڙي موقعي تي جڏهن ڪشميرين مٿان ظلم ۽ بربريت جاري هجي، متحده عرب امارات ۽ بحرين ڪشمرين مٿان ظلم ڪندڙ ڀارتي وزيراعظم کي اعليٰ ترين اعزاز ڏيڻ جو فيصلو پاڪستاني عوام جي نفسيات کي سمجهي ڪري ڪجهه ڏينهن لاءِ موخر ڪرڻ گهرجي هيا. جذباتي سفارتڪاري مضر صحت آهي ۽ ورهائڻ وارو ئي اپن جو ڀڳوان آهي ان ۾ پاڪستاني ڇا ڪري سگهي ٿو.؟ ان جي ردعمل ۾ پاڪستاني سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي متحده عرب امارات جو دورو احتجاجن ملتوي ڪري رياست جي علامتي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. پر پاڪستان جي مشڪل اها آهي جو هو گذريل 72 سالن کان ان عالم اسلام جي هڪ طرفي محبت ۾ گرفتار آهي جنهن جو ڪو به وجود ناهي ۽ انهن کي اها ڳالهه ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي ته اها عالم مفادن جي آهي جنهن کي نظرياتي، تهذيبي، تاريخي ۽ جغرافيائي رشتن جي ريشم ۾ عارضي طور ويڙهيو ويو آهي. پاڪستان شايد پهريون ڀيرو 1990 ۾ ڪويت تي عراقي قبضي ڇڏائڻ جي اتحادي مهم ۾ سعودي خواهش جي برعڪس طاقتور فوجي ساٿ ڏيڻ کان معذرت ڪئي هئي. وري اپريل 2015 ۾ يمن جي ويڙهه ۾ خليجي اتحاد ۾ شموليت کان انڪار ڪيا ۽ هاڻي وري ايران خلاف خليج ۾ جيڪا نئين صفبندي ٿي رهي  آهي ان ۾ به پاڪستان اسلامي ملڪن جي ڪاغذي فوجي اتحاد ۾ علامتي شموليت، بنا ڪنهن دٻاءَ ۽ سڌو سنئون ترغيبن باوجود جنهن حد تائين غير جانبداري جو مظاهرو ڪيو آهي اهو هن مهل تائين نڀائي رهيو آهي. ان پسمنظر ۾ جيڪڏهن سعودي عرب، متحده عرب امارات يا ٻين خليجي ملڪن انڊيا سان اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ وڌائي رهيا آهن ۽ ڪمشير جي مسئلي کي پاڪستاني عينڪ سان نه ڏسي رهيا آهن ته ان تي جذباتي نه ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اها خارجه پاليسي کي ڪنهن هڪ پلڙي ۾ رکڻ جي قيمت آهي ۽ تيزي سان بدلجندڙ علائقائي اتحادي نقشي جي حوالي سان اها پاليسي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. پاڪستان جو نام نهاد عالم اسلام سان جذباتي رشتو ان لاءِ به ٻين مسلمان خاص طور تي خليجي ملڪن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي پاڪستان مان آخر انهن کي ڇا ملندو جنهن جي مجبوري تحت هو پاڪستان جي خارجه ۽ داخلي جذباتن جو خيال رکندي پنهنجي انڊيا پاليسي بڻائين. پاڪستان کان خليجي ملڪن عسڪري ۽ غير اسڪري شعبن ۾ جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو ان جي قيمت ورتي آهي اهڙي طرح پاڪستان آمريڪا ۽ چين لاء جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون يا ڏئي رهيو آهي اهي به ته في سبيل الله ناهن. جيئن چوڻي آهي ته “جيسا ڪام ويسي اجرت، الله الله خير صلا”. ان ۾ جذباتي رشتا ڪٿان آيا. جيتوڻيڪ اکين کي دوکو ڏيندڙ حسينه جي ڳوڙهن کي ڀرڻ بجاءِ ڪجهه اهڙو ڪم ڪيو وڃي جنهن سان پاڪستان ڪجهه وڪڻڻ ۽ خريد ڪرڻ جي قابل بڻجي سگهي وٺڻ وارو هٿ ڏيڻ وارو هٿ ۾ بدلجندو رهي. جهڙي طرح ڪنهن خاندان يا گهر ۾ ڪمائو پٽ جي هر ڪو عزت ڪندو آهي اهڙي طرح عالمي خاندان ۾ عزت ڪمائڻ جو به اهو ئي طريقو آهي. جيڪڏهن مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ايتري جان هجي جو هو مادي مفادن تي غالب اچي وڃي ته پوءِ ڪنهن مسلمان کي ٻئي ڪنهن مسلمان سان وڙهڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها. جيڪو بهتر تعلق پنهنجي خاندان ۽ ڀرواري سان نه ٿو نڀائي سگهي ته اهو ٻين ملڪي تعلقات تي ڪيئن ٿو لاڳو ڪري سگهي. سٺي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن توهان شيخن کي تلور جي شڪار جون سهولتون ڏيو ٿا جڏهن هو هتي اچن ٿا ان جي گاڏي به توهان پاڻ هلايو ٿا ۽ انهن جي رستن تي قالين به پاڻ وڇايو ٿا پر ان جو اهو مطلب ناهي ته توهان ان مهمان نوازي جي بدلي ڪنهن کان اها توقع رکو ته هو انڊيا سان سئو ارب ڊالرن جي تجارت کي اهميت نه ڏئي يا نريندر مودي کي پنهنجو پيارو ڀاءَ سمجهي ان جي ڳچيءَ ۾ اعليٰ ترين اعزاز نه وجهي ۽ اسان جي جذبن جو به في الحال خيال رکي. مهرباني ڪري وڏا ٿيو ۽ پنهنجن پيرن تي بيهڻ سکو! ( هي ڪالم بي بي سي اردو لاءِ وسعت الله خان لکيو جيڪو سندن ٿورن سان مشتاق حسين مري سنڌي ۾ ترجمو ڪيو)

پهنجو تبصرو موڪليو