صوفي شاعر ۽ راڳي والي شاھ وفات ڪري ويو

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) سنڌ جو ڀلوڙ صوفي شاعر ۽ راڳي / درگاھ سيد لعلڻ شاھ جو گادي ڌڻي صوفي  فقير سيد والي شاھ  گهوٽڪي کان هميشه لاء وڇڙي ويو  سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سڄاڻ ڌرين پاران ڏک جو اظهار ڪندي سندس موت کي پيار ۽ امن جي پرچارڪ ويراڳي جو وڇوڙو ڪوٺيو آهي،گهوٽڪي جي علائقي حاجي مولودي جو رهواسي سيد لعل سائين کانپوءِ گادي نشين سيد والي شاھ ڳچ عرصو فالج جي بيماري سان جهيڙيندو رهيو جيڪو اڄ هن فاني جهان کي هميشه لاءِ خير آباد چئي مالڪِ حقيقي سان مليو، سيد والي شاھ جي وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت توڙي صوفي برادري ۾ ڏک جي لهر ڇائنيل سندن چوڻ آهي ته  سنڌ جي ڳوٺن ڳلين ۾ پنهنجي سنگ سان عارفاڻي ويراڳ جي ذريعي نفرتن جي خاتمي واسطي امن جو پيغام ڦهلايو، هُو ٽي ڏهاڙا اڳ لعلڻ سائين جو رسالو جو ڇاپو “ڏسي خوشي ۾ ٽڙي پيو هو، ڄڻڪ هو اسان وٽ “لعلڻ سائين جو رسالو ” جي ڇپائي کي آخري خواهش طور تصور ڪندي ترسيل هو جيڪو پنهمجي رسالي جو ڇاپو ڏسڻ بعد خوشي سان رخصت ڪري وڃي مالڪِ حقيقي سان مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو