شهيد بينظيرڪرڪٽ ٽورنامنٽ سچوا اليون کٽي ورتو

سڪرنڊ (ن سنڌيار)ڳوٺ گهنڊيا ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي ياد ۾ ڪرايل ٽورنامينٽ جو فائنل ٿي گذريو، فائنل ۾ سچوا اليون ۽ مھراڻ اليون وچ ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ ڳوٺ پير پريل شاھ جي ٽيم  سچوا اليون پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ مخالف ٽيم کي 131 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جوابي بيٽنگ ڪندي ڳوٺ پنهل خان چانڊيو جي ٽيم پڻ بهترين راند پيش ڪندي 126 رنسون ٺاهيون، اهڙي طرح 5 رنسن تان سچوا اليون فائنل پنهنجي نالي ڪري ورتو، فائنل ميچ ۾ سچوا اليون ڪپتان امام بخش 44 ۽ علي شان طرفان اڌ سينچري اسڪور ڪندي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، ياد رهي ته ھي ٽورنامنٽ اٺن ٽيمن تي مشتمل ھو فائنل ميچ ۾ مھمان خاص ڪالم نگار مير ذوالفقار چانڊيو پرويز چانڊيو پ پ پ اڳواڻ دريا خان زرداري منظور زرداري شامل شريڪ ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو