شهرن ۾ هيٽ اسٽروڪ جي موت کي روڪڻ جو آسان طريقو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)تازن سالن ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري اونهاري جي گرمي پد ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هر سال ڪيترائي موت واقع ٿيا آهن.پر سائنسدانن انهن موتين کي روڪڻ جو آسان طريقو ٻڌايو آهي.شهرن ۾ وڌيڪ وڻ پوکڻ سان گرم موسم سبب ٿيندڙ موتن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.اها ڳالهه هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آئي.بارسلونا انسٽيٽيوٽ فار گلوبل هيلٿ پاران ڪيل هڪ مطالعي مان معلوم ٿيو آهي ته شهرن ۾ وڻن جي تعداد ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪرڻ سان سراسري گرمي پد 0.4 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گهٽجي سگهي ٿو، هيٽ اسٽروڪ يا ٻين سببن جي ڪري موت جي شرح تقريبن 40 سيڪڙو تائين گهٽجي سگهي ٿي.مطالعي 93 يورپي شهرن مان ڊيٽا جو تجزيو ڪيو.محققن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي گرمي پد ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ شهري ماحول ۾ تيز گرمي سبب موت سميت ڪيترن ئي طبي مسئلن جو خطرو وڌي رهيو آهي.هن چيو ته سرسبز شهر صحت جي لاءِ بهتر بڻجي سگهن ٿا جڏهن ته موسمياتي تبديلين کي روڪڻ ۾ به مدد ملندي.مطالعي موجب 2015 ۾ يورپي شهرن ۾ تيز گرمي سبب 6 هزار 700 وقت کان اڳ موت واقع ٿيا، جن مان 2 هزار 644 موتين کي وڻن جي تعداد ۾ واڌ سان روڪيو پيو وڃي.محققن موجب وڻ پوکڻ لاءِ عمارتن کي ڊاهڻ جي ڪا ضرورت ناهي ڇو ته شهرن ۾ ايتري گنجائش موجود آهي جتي وڻ پوکي سگهجن.

پهنجو تبصرو موڪليو