سلطان راهي کي مداحن کان وڇڙئي 24 سال گذري ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فلم انڊسٽري جي معروف اداڪار سلطان راهي جي اڄ 24هين ورسي ملهائي پئي وڃي. پاڪستان فلم انڊسٽري جي مقبول ترين اداڪار سلطان راهي جو نالو هڪ زماني ۾ پنجابي فلمن جي ڪاميابي جي بدولت سمجهيو ويندو هو. سالا صاحب، چن جٽ، شير خان، شعلي، جرنيل سنگهه، شيران دي پتر، ميڊم راني، چن وريام سميت 700 کان وڌيڪ فلمن ۾ لازوال ڪردار ادا ڪندڙ ۽ 150 کان وڌيڪ اعليٰ فلمي ايوارڊ حاصل ڪندڙ سلطان محمد المعروف سلطان راهي 1938ع ۾ ڀارت جي شهر سهارن پور ۾ پيدا ٿيو جيڪو پاڪستان جي قيام بعد هو پنهنجي خاندان سان گڏ هجرت ڪري پاڪستان ۾ رهائش اختيار ڪئي. سلطان راهي پنهنجي فني سفر جو آغاز فلم باغي کان ڪيو. 70ع واري دور ۾ بشيرا ۽ مولاجٽ جهڙين فلمن جي ڪاميابي سلطان راهي کي عروج تي پهچائي ڇڏيو. هڪ وقت اهڙو هيو جو سلطان راهي پاڪستان فلم انڊسٽري جو واحد هيرو هيو ۽ ان جو اهڙو دور ڪيترن ئي سالن تائين عروج تي رهيو. هدايتڪار يونس ملڪ جي فلم مولاجٽ ۾ ان جي ڪردار مولا کي برصغير ۾ زبردست شهرت ملي. واضح رهي ته سپر اسٽار سلطان راهي 9 جنوري 1996 تي راولپنڊي کان لاهور اچي رهيو هو ته گوجرانوالا ويجهو نامعلوم ماڻهن جي گولي جو نشانو بڻجي هميشهه لاءِ وڇڙي ويو. سلطان راهي جي قتل وقت به ان جون 54 فلمون ٺهڻ جي مرحلي ۾ هيون. سلطان راهي جو قتل پنجابي فلم انڊسٽري لاءِ وڏو هاڃيڪار ثابت ٿيو ۽ ان جو خال اڄ ڏينهن تائين ڀرجي نه سگهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو