سفوا پاران سنڌ ۾ ڊراما فيسڙيول ڪرڻ جو اعلان

جوهي(ن سنڌيار)سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن(سفوا) سنڌ چئرمين سيد منور علي شاه پوري سنڌ ۾ ثقافت کاتي جي سهڪار سان ڊرامه فيسٽيول  ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو اهڙي اعلان بعد سنڌ جي اداڪارن ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾رهندڙ ماڻھن جي چھرن تي مرڪون اچي ويون۔ پنهجي بيان ۾‏‏ مرڪزي چئرمين چيو ته پوري سنڌ اندر سنڌ فنڪار وئلفير آرگنائزيشن پاران ٿيندڙ فيسٽول جي شروعات دادو ضلعي کان ڪئي ويندي جنهن جي سلسلي م جوهي ۔ڪي اين شاه۔دادو ۽ ميهڙ تعلقن جي اداڪارن وچ ۾ دنگل ٿيندو جنهن ۾ جوهي تعلقي جي صدر حامد لاشاري ۔دادو تعلقي جي صدر ميرل پنهور ڊرامن جو ڪهاڻيون جمع ڪرائي ڇڏيون آھن ۔5 ڏينهن هلندڙ فيسٽول جي آخر م بهترين اداڪار ۔اداڪاره ۔ڪهاڻيڪار ۔۽ هدايتڪارن م ايوارڊ پڻ ورهايا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو