رشيد صابر  جي 11هين ورسي

رشيد صابر جي 11هين ورسي

عنايت قمبراڻي
ھي دنيا فاني آھي ھتان ھر ڪنھن کي پنهنجي آخري سفر تي وڃڻو آھي دنيا جا مھان معتبر امير وزير مشير ليکڪ اديب دانشور شاعر درويش صفت انسان سڀئي پنھنجو وارو وڄائي ھن جھان مان رخصت ته ٿي ويا پر ھن جھان ۾ سندن ڪيل جاکوڙ بھترين ڪم بھترين عمل ۽ اعلي ڪردار کي ھميشه انھي ڪري ياد رکيو ويندو آهي جو انھن پنھنجي زندگي جو وڏو حصو محنت جدوجهد ۽ جستجو ڪندي گذاريو اھڙن انمول ھيرن منجھان سنڌ جي لاڙ واري سامونڊي پٽيءَ ۾ جنم وٺندڙنالي وارو اديب دانشور ليکڪ ڊراما نويس ۽ سنڌي فلمن جو بھترين ليکڪ رشيد صابر پڻ ھڪ آهي جنھن کي اسان کان وڇڙندي يارهن سال تہ گذري ويا آهن پر ھو اڄ به سندس ڪيل محنت ،قلمي پورھئي جي بدولت فلمن،ڊرامن،ڪھاڻين ۽ ڪتابن جي صورت ۾ پنھنجي چاهيندڙن جي روح کي راحت بخشي اھو احساس ڏيارين ٿا ته ھو جسماني طور تي تہ اسان کان وڇڙي ويا آھن پر روحاني طور تياسان سان گڏ آھن ۽ ڊراما،فلمون،ڪتاب کيس ڪجھ گھڙين لاءِ
پنھنجي چاهيندڙن جي تمام گھڻو ويجھو ڪري ٿا ڇڏين لاڙ پٽي جي ڳوھيل مٽي مان جنم وٺندڙ رشيد صابر 10 جنوري 1945ع تي موجوده ضلعي سجاول جي سامونڊي پٽي واري علائقي تعلقي جاتي ۾ ھذھبي گھراڻي سان تعلق رکندڙ عبدالله مندرو جي اڱڻ تي اک کولي سندس والد سندس نالو عبدالرشيد رکيو،سندس تعلق مذهبي گهراڻي سان ھجڻ ۽ سندس خاندان ۾ اڳ ۾ ئي بھترين عالمن جي موجودگي سبب سندس والد محترم کيس ابتدائي تعليم لاءِ ڳوٺ جي ئي مدرسي ”الفيض“ ۾ داخل ڪرايو جتان پاڻ شروعاتي طور تي مذھبي تعليم حاصل ڪندي فقه ۽ حديث ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد جي اورينٽل ڪاليج مان اديب فاضل (مولوي فاضل) جي ڊگري حاصل ڪري نور محمد هاءِ اسڪول ۾ عربي جو استاد مقرر ٿيو،انھي دوران نوڪري سان گڏو گڏ پنھنجي تعليم کي جاري رکندي پھرين بي اي ۽ پوءِ ايم اي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين،سنڌي کان سواءِ اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ کيس مهارت حاصل ھئي.علم ادب ۽ قلم سان محبت ۽ استاد جھڙي مقدس پيشي سان وابستگي کيس لکڻ جون راھون ھموار ڪيون ۽ انھي دوران پاڻ اسلامڪ اسٽڊيز تي ٻه ڪتاب لکيا، جيڪي بي اي ۽ ايم اي جي تدريسي نصاب ۾ شامل آهن.ان کان سواءِ سندس پهريون ڪتاب ”مولوي عبدالرشيد مينڌرو کان رشيد صابر تائين“ جنهن ۾ سندس زندگيءَ تي مختلف شخصيتن جا تاثرات لکيل آھن ، ٻيو ڪتاب ”رشيد صابر جا چونڊ ريڊيو ڊراما“ هن ڪتاب ۾ سندس منفرد ۽ مشهور ريڊيو ڊراما شايع ڪيا ويا آھن. ۽ ٽيون ڪتاب ”رشيد صابر جا ٽي وي ڊراما“جيڪو هاڻي شايع ٿيو آهي.
1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ کان پوءِ جڏهن جنگي قيدين جي واپسي شروع ٿي ته هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ يادگار ڊرامو ”نيٺ ڦٽندي باک“ لکيو،پاڻ ريڏيو پاڪستان لاءِ 300 کان وڌيڪ مختلف موضوعن تي ڊراما بيشمار ڊاڪيومينٽريون،مذهبي پروگرام،خاڪا ۽ تقريرون پڻ لکيون،مشھور مزاحيه ريڊيو پروگرام ”گلدستو“ جو اسڪرپٽ پڻ پاڻ لکندو ھو،کيس ريڊيو پاڪستان ڪراچي پاران ٻه ڀيرا صدارتي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو.
رشيد صابر ريڊيو پاڪستان تي جن پروڊيوسرن سان گڏ ڪم ڪيو انهن ۾ سيد منظور نقوي نصير مرزا، شيخ ابراهيم، ارشاد اعواڻ، ممتاز اعواڻ، نصير سومرو، نثار ميمڻ، ڪوثر بروهي، گل حسن قريشي، جهانگير قريشي، ممتاز شيخ آغا محمد علي، خليل چنا، نورالله ٻگھيو سميت ڪيتريون ئي نامور شخصيتون شامل آهن، پي ٽي وي تي هن عوامي معلومات جي پروگرام ”وينجھار ۽ پرک “ لاءِ معلوماتي سوال ۽ جواب لکيا.ان کان علاوه هن پي ٽي وي جي ڊاڪيومينٽري پروگرام ”واھ سواءِ “، ”حال احوال“ ۽ ”ناٽڪ رنگ“ لاءِ به ڪيترائي ڊراما لکيا.پي ٽي وي تي پاڻ اعجاز عليم عقيلي، بيدل مسرور، محمد بخش سميجو، هارون رند، ذوالفقار نقوي، سميع بلوچ، منظور قريشي، منظور مگسي، اقبال سعيد انصاري، فيض باغيو، اقبال احمد، بادل جمالي، نعيم بلوچ، حسين خانزادو، مقبول شجره، هارون جمالي، فدا سومرو، الطاف سومرو ۽ سلطانه صديقي سان گڏ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو جڏھن ته ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تي پڻ سندس ڪيترائي ڊراما نشر ٿي چڪا آهن، ڪي ٽي اين تي ھن نور جوکيو ۽ سنڌ ٽي وي تي ڊاڪٽر عبدالڪريم راڄپر سان گڏ ڪم ڪيو،هن پرائيويٽ چينلن لاءِ پڻ ڊراما لکيا جن ۾ ”ساحل سي دور “سندس مشھور ڊرامو ھو ۽انھي جي پهريون ڀيرو ھدايتڪاري طلعت حسين ڏني هئي،انھي کان علاوه ھن ٻيا ڪيترائي ڊراما لکيا جن ۾ ”ميرا ڪيا قصور، زندگي ڪا زهر، چودوين ڪي رات، ٽي وي ون، آئينا ۽ ٻيا ڪيترائي مشھور ڊراما شامل آهن.هن 1979ع ۾ سنڌي ڊرامي ”فلور نمبرون“ سان ڪراچي اسٽيج جو بنياد رکيو ۽ ڪيترائي اسٽيج ڊراما لکيا، انهن اسٽيج ڊرامن ۾ ”جاني نه پائي“، ”ايڪ انار دو بيمار“، ”گھوٽ اڻ موٽ“، ”قرض مرض فرض“، ”آڏي پڇا“، ”شادي يا تادي“، ”شادي شان واري“، ”دلگير دامن گير“، ”مڪس پليٽ“، ”کٽي آيو خير سان“، ”شادي يا بربادي“ وغيره شامل آهن. هن 1984ع ۾ صدر ضياءُ الحق جي سڏايل فلمي اجلاس ۾ سنڌي فلمن جي نمائندگي ڪئي ۽ سنڌي فلمن تي ٽيڪس معاف ڪرايو.سندس لکيل سنڌي فلمن ۾ ”گھاتو گھر نه آيا“، طوفان، ڦل ماڇي، برسات جي رات، سهڻا سائين، هو جمالو، قيدي، مهراڻ جاموتي ۽ ٻيون شامل آهن جڏھن ته اردو فلم ”آخري گولي“ ۾ به پاڻ ڪھاڻيون لکيون ۽ انھي فلم ۾ اداڪاري پڻ ڪئي، رشيد صابر نه رڳو پنهنجي
منفرد لکڻين ذريعي اعلي مقام حاصل ڪيو پر ھن پنھنجي آواز اداڪاري،صداڪاري ۽ هدايتڪاري ۾ به پاڻ مڃرايو کيس سرڪاري توڙي ڪيترن ئي خانگي ادارن پاران ڪيترا ايوارڊ پڻ مليا آهن.پاڻ7ڊسمبر 2012 تي پنھنجون ڪيتريون ئي يادون اسان لاءِ ڇڏي ھميشه ھميشه لاءِ اسان کان جسماني طور تي تہ وڇڙي ويو آھي پر روحاني طور تي اڄ بہ اسان سان پنھنجي لکڻين،ڊرامن،فلمن ۽ ڪتابن جي صورت ۾ گڏ آھي اسان سندس يارھين ورسي جي موقعي تي کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو