بينظير، فڪر جي هڪ تحريڪ هئي

ڪاشف نوراني
اي سنڌو! توکي ڀيٽ ڏنا ڪنهن لڙڪ ڦڙا، ڪنهن ماڪ ڦڙا،
جن توکي پنهنجو رت ڏنو سي پنهنجو پاڻ ملهائي ويا…
عام طورڏٺو ويو آهي ته انساني تاريخ ۾، سُقراط کان وٺي عيسيٰ تائين ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شهيد راڻيءَ تائين، هڪ منصوبي تحت انياءُ ۽ اتياچاريءَ جو سلسلو جاري و ساري آهي. اُها گولي، جيڪا گانڌي، لياقت علي خان ۽ شيخ مجيب الرحمٰن کان ٿيندي، شهيد راڻيءَ تائين پهتي آهي، خبر ناهي ته اڃان الاءِ ڪيتريون حياتيون ڳڙڪائيندي؟ ۽ اڃان الاءِ ڪيترا نسل ناس ڪندي؟ اها ڦاسي، جيڪا هيمون ڪالاڻي کان هلندي، شهيد سورهيه بادشاھ کان ٿيندي، ذوالفقار علي ڀٽي تائين پهتي آهي، اڃان الاءِ ڪيترا جڳن جا جڳ تباھ ڪندي؟ کين ان ڪري مارايو ويو، ته جيئن هُو پنهنجي ڪرسيءَ کي قائم رکي سگھن ۽ ان کي اڃان اڳتي دوام ۽ دريگھ ڏيئي سگھن.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته زندگي کان اڳ موت تخليق ٿيو. موت ظاهري طور منتقلي جو نالو آهي، انسان حياتي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين ڪائنات طرف گامزن ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ انسان جو هڪ نئون سفر شروع ٿي ٿو. پر طبي موت جي برعڪس شهادت هڪ اهڙو تحفو آهي جيڪو ڪامياب انسانن کي هميشه جي لاءِ امر بنائي ڇڏي ٿو. اهڙي شهادت سان معاشري اندر انقلاب برپا ٿي ويندو آهي. شهادت بعد نئي مظلوم طبقي کي منزل ميسر ٿي ويندي آهي. اهڙا ماڻهو پوءِ دلين، دماغن ڌڙڪن اندر زنده رهندا آهن ۽ نسل در نسل انهن جو ذڪر جاري رهندو آهي. اڄ اهو ئي جذبو اسان کي شهيدراڻي محترمه بينظير ڀٽو جي تازي رت جي اندر نظر اچي ٿو.
شيخ اياز هڪ هنڌ لکي ٿو: “هُن کي ٻَڌي وٺي آيا ۽ کيس چيائون، تون ڏوهي آهين، تو پيار جو نانءُ ورتو آهي. هُن پنهنجي جسم تي پيل زنجيرن کي زور سان سٽ ڏني ۽ رڙ ڪري چيو، مان ڏوهي نه آهيان! مان ڏوهي نه آهيان! مان هن دور جو پيغمبر آهيان. هُو ڏند ٽيڙي کلڻ لڳا ۽ ان جي زبان ڪپي ڦٽي ڪيائون. ان ڳالھ کي ڪيئي سال گذري ويا. اڄ هُو ساڳي جاءِ تي، ٻئي ڪنهن کي ٻَڌي وٺي آيا ۽ هُن کي چيائون، تون ڏوهي آهين، تون پيار جو نانءُ به نه ٿو وٺين، تون اسان جي پيغمبر کي به نه ٿو مڃين. ايئن چئي غصي ۾ ڏند ڪرٽيائون ۽ ان جي زبان ڪپي ڦٽي ڪيائون”. وري ٻئي هنڌ لکي ٿو: “ آڌيءَ رات جو سمو آهي، هُو ڦاسيءَ جي رسي ۾ لڙڪِي رهيو آهي. لُرِيءَ ۾ هُن جا پير اُگھاڙا آهن، پير جي تخت تان لهي، تختي تائين پهتا آهن ۽ هاڻي هيٺ مُڙي ويا آهن، جيڪي ڪنهن سوڙهي گھٽيءَ جو رستو ڏيکارين ٿا. مان انهن ٿڌن پيرن تي، پنهنجا ڪوسا هٿ رکي سوچيان ٿو، ته جي مان هن کي جاڳايان، ته ڇا هُو پنهنجو منهن مون کان لڪائيندو؟ هُو جو ڌرتيءَ جو ڌنار هو، ڇا هُو اهو مڃيندو ته رڍون ۽ بگھڙ گڏ نه پالبا آهن!”
لڙوگي ؟ لڙينگي، مروگي؟ مرينگي “: هي ٻه نعرا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوامي سمنڊ سان ٽمٽار هڪ عوامي جلسي ۾ عوام کان واعدي طور ورتا هيا ۽ موٽ ۾ ان ئي جلسي عوام پاران ڀرپور موٽ سان ان جو هاڪاري جواب ڏنو. انهيءَ عوامي ليڊر جي نياڻي مٺن زيتونن جي سرسبز باغن ۾ تربيت حاصل ڪندڙ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙئي 16 سالن جو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان وڇڙي آهي ڇو ته هوءَ بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه جي روپ ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان جي سرپرستي ۽ نگهباني ڪري رهي آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي شخصي ڪردار ۽ سياسي جدوجهد ۾ واقعي به بي نظير ۽ بي مثال ليڊر هئي، هوءَ عالمي سطح جي لينن، مائوزينگ، هوچي منهه جهڙي سماج کي تبديل ڪندڙ ليڊر هئي ۽ موت سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي هئي. پنهنجي فڪر ۽ قول جي ڪنهن به سطح تي مصلحت پسند نه هئي پر پنهنجي بدترين کان بدترين دشمن کي به معاف ڪرڻ واري عظيم ليڊر هئي. هوءَ پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيان نڊر ۽ بهادر هئي اهو ئي سبب آهي جو هن جبر ۽ ظلم جي آڏو جهڪڻ بجاءِ راولپنڊي شهر ۾ موت سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي. بينظير ڀٽو شهيد، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئي. بينظير ڀٽو جي ولادت 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سندس نالو ته بينظير رکيو ويو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خوبصورت ۽ گلابي رنگ جي ڪري کيس گهر ۾ ”پِنڪي“ سڏيندا هئا.
محترمه هڪ خداداد ذهانت ۽ سياسي بصيرت جو اڄ سڄي دنيا پڻ اعتراف ڪيو آهي، محترمه صاحبه پنهنجي اقتدار دؤران ۽ اقتدار کان بعد ڪيترين ئي صعوبتن جي دليريءَ سان مقابلو ڪيو، وزارت اعظمىٰ دوران ڪيترائي الزام هنيان ويا پر وقت جون حڪومتون اهي الزام ثابت ڪري نه سگهيا، محترمه کي اڄ دنيا جي اندر مارئي ملير جي، سنڌ جي راڻي ۽ شھيد راڻي جي لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. محترمه جون ڪيتريوئي خدمتون آهن پاڪستان جي عوام جي لاءِ بالخصوصن تعليم ۽ عورتن جي لاءِ تمام وڏيون خدمتون شامل آهن.
بهرحال پاڪستان جي سماج ۾ تعليم سڀني لاءِ جو نعرو کڻي ايندڙ ۽ خصوصي طور تي نياڻين هي اعلي تعليم لا۽ هر وقت فڪر مند رهندڙ هن باوقار، باعمل، شان، مان، رعب، ڏات، نفاست واري جدوجهد سان ڀرپور قائد، هر حال ۾ هار نه مڃڻ، همت ڀري عظيم اڳواڻ، دنيا جي عورتن لاءِ پنهنجو پاڻ کي هڪ مثال ثابت ڪيو آهي ته عورت ڪنهن به ماحول يا حالتن ۾ مرد کان گهٽ نه آهي پر مرد کي مات ڏئي سگهي ٿي. سياست ۾ سندس مرتبو ۽ حيثيت دنيا جي مڃيل وزيراعظم عورت مسز اندرا گانڌي کان به وڌيڪ اعليٰ آهي ڇاڪاڻ ته مسز گانڌي زندگي جي جدوجهد ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جهڙيون تڪليفون ڪو نه ڏٺيون. جيل، جلاوطني وارا ڏينهن ڪو نه ڏٺا. مارشل لا جون اذيتون برداشت نه ڪيون، پنهنجي والد سان ڪال ڪوٺڙي ۾ ملاقاتون نه ڪيون. بيماري ۾ علاج لاءِ قيد بي سهارا نه رهي. مذهبي معاشري ۾ پاڻ نه مڃايو ۽ سڀ کان وڌيڪ ته محترمه ڀٽو صاحبه وانگر ننڍي ڄمار ۾ وزارت عظميٰ نه ماڻي. بينظير ڀٽو صاحبه جدوجهد جي علامت ۽ حوصلي واري عظيم عورت قائد هئي جنهن کي هر دور ۾ هر حالت ۾ حوصلي ساڻ مقابلو ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل هو. دنيا سندس والد وانگر محترمه جي بين الاقوامي معاملن تي اعليٰ ذهانت ۽ ڏاهپ جي قائل آهي.
بينظير ته ڄمندي ئي بينظير هئي، جيئري به بينظير هئي ته اڄ شهادت کانپوءِ به بينظير آهي ڇو جو هوءَ هئي ئي بينظير . محترمه بينظير ڀٽو رڳو هڪ شخصيت نه پر فڪر جي تحريڪ هئي جنهن فڪري تحريڪ ۾ ماڻهو مرڻو ناهي پر هر هر جنم وٺي ورڻو آهي. ماڻهو ته گهڻائي آهن دنيا ۾ ايندا ويندا آهن پر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن کي تاقيامت تائين وساري نٿو سگهجي ۽ سندن وڇڙڻ جو غم هميشه رهي ٿو شهيد محترمه بينظير ڀٽو به اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ هئي جيڪا دلين ۾ راڄ ڪرڻ لاءِ پيدا ٿي هجي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۽ سياست متعلق احوال پنهنجي ڪتاب”ڊاٽر آف دي ايسٽ” جي پهرين سٽ ۾ ئي مڪمل ۽ جامع نموني ڪري ڇڏيو آهي. هُن لکيو آهي ته، “مون پنهنجي هن زندگيءَ جي پاڻ چونڊ نه ڪئي آهي، پران زندگي منهنجي چونڊ ڪئي آهي.”.

پهنجو تبصرو موڪليو