بابر اعظم مستقبل جو ڪپتان آهي: چيئرمين پي سي بي

لاهور (ڊيسڪ نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين احسان مانيءَ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کي هٽائڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سرفراز جي موجودگيءَ ۾ بابر اعظم کي مستقبل جي ٽيسٽ ڪپتان طور تيار ڪيو پيو وڃي. ميڊيا ۾ شياع ٿيندڙ خبرن بابت پنهنجي راءِ ڏيندي پي سي بي چيئرمين چيو ته سري لنڪا سان ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ ۽ آسٽريليا سان ٽيسٽ سيريز کان اڳ پي سي بيءَ جو اجلاس منعقد ڪيو ويندو. ان ۾ ڪپتانيءَ بابت راءِ ورتي ويندي. احسان مانيءَ چيو ته راءِ حاصل ڪرڻ بعد مان ڪپتان بابت پنهنجا صوابديدي اختيار استعمال ڪندس. اسان چاهيون ٿا ته اسان وٽ ٻيو آپشن به موجود هجي جيڪو ان وقت استعمال ڪيون جنهن وقت سرفراز ڪنهن به سبب جي ڪري کيڏڻ لاءِ موجود نه هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو