ب، و، ن، ي، جهه ۽ ٿ وارن حرفن جي نالن لاءِ خوشخبري

عمرڪوٽ(ن س) سنڌ جي ناليواري ايسٽرولوجسٽ ۽ پامسٽ ڀڳوانداس جٽيا پيشن گوئي ڪئي آهي ته جن جا نالا ب، و، اي، ن، ي، جهه ۽ ٿ سان شروع ٿين ٿا تن لاءِ خوشخبري آهي ته پهرين آگسٽ کان سندن حالات بهتر ٿيڻ شروع ٿيندا.

ڀڳوانداس جٽيا علم فلڪيات ۽ پامسٽري جو جڳ مشهور ماهر آهي

هندي جي مشهور لال ڪتاب جي آڌار تي ڪيل پيشن گوئي ۾ هن ڄاڻايو آهي ته انهن حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن جي برج ۾ پهرين آگسٽ کان نومبر جي وچ ڌاري تائين سعد اسٽار مشتري جي سعد نظر طالع ۾ پوي ٿي. جنهن سبب سندن گهرو پريشانيون ختم ٿي وينديون، روزگار، ڪاروبار، شان مان ۾ واڌارو ٿيندو، نوڪري ملي سگهي ٿي ۽ خوشحال ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو