’اڙي شهر بي مُهر، تنهنجي ڳلين کي ڇڏيو سين‘

ليکڪ    ڪريم شيرازي 

ڌرتيءَ تي هر روز هزارين ماڻهون ڄمندا ۽ مرندا آهن. ۽ انهن هزارين ماڻهن مان ڪي ماڻهو پنهنجي مٽيءَ،پنهنجي قوم سان دغا ڪندي ڏاڍو خوش ته گذاريندا آهن پر انهن ماڻهن کي تاريخ ۾ هميشه برن لفظن م ياد ڪيو ويندو آهي.۽ ڪي ماڻهو پنهنجي قوم، پنهنجي ڌرتيءَ جي مان مريادا جي لڄ رکندي، سختيون سهندي آخر ۾ سرخرو بڻجي پنهنجي قوم، پنهنجي ڌرتيءَ سان خوب نڀاءُ ڪندي تاريخ رقم ڪري ويندا آهن.۽ تاريخ م انهن کي هميشه سنهري لفظن م ياد ڪيو ويندو آهي. سنڌ اها خوشنصيب ڌرتي آهي جنهن هزارين املھ ماڻهن کي پنهنجي ڪک مان جنم ڏنو، جن پنهنجي ڏاهپ، دليري ۽ دانشوري وسيلي هميشه سنڌ ڌرتيءَ ۽ سنڌي ادب کي روشن رکيو آهي.انهن عظيم ماڻهن مان سنڌ جو ناليوارو شاعر، نثر نويس، مترجم، استاد، روشن خيال ۽ ترقي پسند عالم سائين غلام حسين رنگريز صاحب به هڪ هو، جنهن سڄي حياتي سنڌي قوم، ادب، تصوف ۽ هنن مارو ماڻهن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

غلام حسين رنگريز  18 آڪٽوبر 1945ع ۾ مير پور بٺوري م ڄائو، پرائمري کان انٽر تائين تعليم مير پور بٺوري مان حاصل ڪئي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۽ وري ساڳي ئي يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري ايل ايل بي ڪيائين.پوءِ ايليمينٽري ڪالج مير پور بٺوري ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين. پاڻ ادبي خدمتون به بخوبي ۽ سچائيءَ سان نڀايائون. 1988ع ۾  ٻن سالن لاءِ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل به چونڊيو،سندس جا  هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن. شايع ٿيل ڪتابن ۾سرمد ڇا ٿو سوچي؟‘( مضمون)

’وکر سو وهاءِ‘( مضمون) ’غلام جا ٽهڪڙا‘( الف ليلوي ناٽڪ جو انگريزيءَ تان ترجمو: 1990، ’اکين اُڃ اپار‘( شاعري: 2005ع)، ورق ورق زندگي (ڊائريءَ جا ورق: 2010ع) رهيو روح رباب (آتم ڪٿا ) خانه بدوش روح جي ڪٿا( آتم ڪٿا )، فنِ تحرير جي تاريخ( ترجمو ). مقبرن جي پٿرن تي اُڪريل تواريخ( سنڌ ۽ بلوچستان )، جهروڪن مان جهاتيون( مضمون )شامل آهن. ان کان علاوه مختلف اخبارن ئ ادبي رسالن م مختلف موضوعن تي سندس مضمون ڇپندا رهندا هئا.

غلام حسين رنگريز صاحب ڊڪٽيٽر جون سختيون سٺيون، ڪيتريون ئي بي واجبيون، ڏاڍايون سٺيون پر پنهنجي قوم، ڌرتيءَ ۽ ادب سان سچو رهيو، ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو.

پنهنجو به رنگريز ماضي هو، پنهنجا راڄ ۽ راڻا هئا.

غلام حسين رنگريز صاحب سڄي زندگي علم ۽ ادب کي ارپي ڇڏي، ڪجھ ڏينهن اڳ پاڻ هميشه هميشه لاءِ سنڌ واسين کي سوڳوار ڪري ويو. “اڙي شهر بي مهر، تنهنجي ڳلين کي ڇڏيو سين ۽ روئندڙ  اکين سان کلندڙ دلين کي ڇڏيو سين.  سندس وڇوڙي سنڌ جي ادبي حلقي ۾ هڪ وڏو خال پيدا ڪيو آهي جيڪو صدين تائين ڀرجڻ ناممڪن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو