ايس ايس ايل جو فائنل سرحد ٽائيگرز کٽي ورتو

سرحد ( رپورٽ غلام عباس مهر)ايس ايس ايل ليگ جي فائنل مئچ ۾ سرحد ٽائيگرز جي ٽيم 8 وڪيٽن تان مئچ کٽي ايس ايس ايل جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. شهر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سٽي پبلڪ ماڊل اسڪول طرفان سرحد سپر ليگ منعقد ڪرائي وئي۔ ايس ايس ايل  ۾ سرحد ٽائيگر، سرحد لاينس  سرحد ڪنگ، سرحد سڪسرز، سرحد اسٽار سرحد هيروز جي ٽيمن حصو ورتو۔ جنهن جي اڳواڻي رياض مهر، قادر بخش ، اختر مهر، عبدالرحمان پهوڙ ، عابد لکڻ، غلام محمد، ظهير لکڻ، نعمان ڀٽي، نورحسن ساوند، عبدالڪريم پهوڙ ۽ ظھور مهر ڪئي۔ سرحد سپر ليگ ۾ جي 90 رانديگرن شموليت اختيار ڪئي۔ ٽيم جي رانديگرن کي پلانٽينم،ڊائمند، گولڊ ۽سلور ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو۔ بعد ۾ سرحد سپر ليگ ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن جي ڪيپٽن پاران وقفي وقفي سان رانديگر چونڊيا ويا۔ ان کان بعد شيدول موجب 19 مئچون ٿيون۔ ٽاپ 4  ٽيمن ٽورنامنٽ جي ٻئي مرحلي پلي آف ۾ پنهنجي رسائي ڪئي۔ جڏهن ته سرحد لائينس ۽ سرحد ٽائيگرز پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سان فائنل مئچ ۾ رسائي ڪئي جنهن بعد سرحد ٽائيگرز بهترين ڪارڪردگي جي بدولت سرحد لائينس کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏيئي ٽائٽل پنهنجي نانء ڪري ورتو. هي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ محترم ڊاڪٽر سجاد حسين مهر ، احمد علي ملڪ ، عبدالحئي ساوند، ارشاد حسين مهر ، شبير احمد لکڻ، زاهد حسين سومرو، عبدالوحيد عباسي ۽ ڪيترين ئي ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. آخر ۾ کٽيندڙ ٽيم جي ڪپتان قادر بخش عارباڻي ۽ هارايل ٽيم جي ڪپتان ظهير لکڻ کي شيلڊز ۽ ڪيش پرائيز پڻ ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو