انور شاهه جوعرس مبارڪ،ادبي ڪانفرنس، مشاعرو

گھو ٽڪي( غلام علي رند)جھانپور شريف ۾ صوفي بزرگ ۽ شاعر سيد انور علي شاھ بخاري جي 59 ھين عرس مبارڪ جي ٽئين ڏينھن تي صحبت ادبي سنگت جھانپور شريف پاران درگاھ  جي اڱڻ تي ھڪ انوار ادبي ڪانفرنس.مشاعرو ۽ سگھڙ ڪچھري ڪوٺائي وئي جنھن ۾ درگاھ عاليہ جھانپور شريف جي گادي نشين سيد سخاوت شاھ بخاري خصوصي طور تي شرڪت ڪئي ادبي ڪانفرنس ۾ سيد سخاوت شاھ بخاري.پروفيسر محمد اسماعيل سومرو.عبدالحئي ڀٽو.حسن پنھيار.شفقت سومرو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تہ اڄوڪي ٻوسٽ واري ماحول ۾ انور سائين جي پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آھي ھن پنھنجي حياتي ۾ ھميشہ امن.پيار ۽ تصوف جي پرچار ڪندي انسانيت ۽ محبت جو درس ڏنو انور سائين امن.سچ.سڪون جي تلاش ۾ حياتي گذاري  انھي نفرتن ۽ جھيڙن خلاف وڏي ھلچل ڪئي ھاڻي وقت اچي ويو آھي تہ سيد انور علي شاھ جي فلسفي ۽ فڪر کي عام ڪرڻ جي گھڻي کان گھڻي ضرورت آھي ھنن وڌيڪ چيو تہ انور سائين جو ڪلام سماج جي ماڻھن لاء ھدايت جو سبق آھي اسين سڀ گڏجي ڪري انور سائين جي فن.فڪر ۽ ڪلام کي ماڻھن تائين پھچائڻ لاء جدو جھد ڪنداسين انوار ڪانفرنس کانپوء ھڪ مشاعرو ۽ سگھڙ ڪچھري ڪوٺائي وئي جنھن ۾ ناليوارن شاعرن ۽ سگھڙن مفتون ڪورائي.سيد نثار شاھ.عبدالحئي ڀٽو.حسن پنھيار.شفقت سومرو.سڪندر مگسي.منصور سومرو.محمد ڪاشف.سڪندر اوڳاھي.الطاف سومرو.حامد ڪلوڙ.سڪندر ڪلوڙ.فدا ملڪ.زاھد ڀٽو.جي.ايم لاڙڪ. ڊاڪٽر خادم ميراڻي.فقير نصير چنو.فقير ڪريم بخش مڱڻھار.نور احمد پتافي.پيار علي شر.فقير محمد ڪوش.سماڻو شيخ.جمال الدين پتافي.فقير محمد ملھڻ.شمن دايو.ڀورل پتافي.خير محمد ٽڳڙ.ولي محمد سومرو.محمد شعبان لولائي.بنگل فقير ٻرڙو.علي محمد راڄڙي.گل حسن موچي ۽ ٻين پنھنجي.نئين نڪور شاعري ۾  انور سائين کي پنھنجن خوبصورت لفظن ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي آخر ۾ ناليواري صوفي راڳي سيد سخاوت بخاري پنھنجي مٺڙي آواز ۾ سيد انور علي شاھ بخاري جا صوفياڻا ٻول جھوجگاري ويٺلن ماڻھن تي وجد طاري ڪري ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو