اسٽار ڪڊ جي ڪري هڪ فلم تان هٿ کنيو، راجڪمار رائو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)مشهور ڀارتي اداڪار راجڪمار رائو انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ اسٽار ڪڊ جي ڪري کيس رات جو هڪ فلم تان هٿ کڻڻو پيو،اداڪار راجڪمار رائو هن وقت پنهنجي نئين فلم مسٽر اينڊ مسز ماهي جي رليز جي تياري ڪري رهيو آهي. فلم کي مشهور فلمساز ڪرن جوهر پروڊيوس ڪيو آهي.فلم مسٽر اينڊ مسز ماهي ۾ راجڪمار رائو ۽ جهانوي ڪپور مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندا.هڪ ڊجيٽل پروگرام دوران ڪرن جوهر سان ڳالهه ٻولهه دوران هڪ سوال جي جواب ۾ راجڪمار رائو چيو ته مان جڏهن ممبئي آيو ته مون کي پارٽين ۾ وڃڻ لاءِ چيو ويو.هن چيو ته رشتا ٺاهڻ غلط ناهي پر پارٽي ۾ وڃي اهو چوڻ ته مان هتي رشتا ٺاهڻ آيو آهيان. پر اهو به چون ٿا ته مون کي هڪ فلم ٺاهڻي هئي ته اوچتو رات جو آئون ان فلم کان محروم ٿي ويس.راجڪمار رائو پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته پوءِ هن فلم جو حصو هڪ اسٽار ڪڊ کي ڏنو ويو.هن چيو ته ان وقت منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه هئي ته مون سان ناانصافي ٿي آهي. صرف ان ڪري ته توهان شين کي ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا، توهان ماڻهن کي ڄاڻو ٿا، توهان ڪال ڪري سگهو ٿا. اهو سڀ غير منصفانه آهي.راجڪمار رائو اهو به چيو ته کانئس جيڪا فلم ورتي وئي اها نه ٺاهي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو