طفيل مگسي
اسرائيل جيڪو مغربي پٺو ملڪن امريڪا.برطانيه.اٽلي.جرمني ۽ ڪيئنڊا وغيره جي فوجي مدد سان فلسطينين جي مختلف علائقن تي مسلسل خطرناڪ قسمن جي ڪرسٽل بمن ۽ ٻين ڳرن اوزارن سان بمباري ڪري حيوانيت جون سموريون حدون لتاڙي ڇڏيون آھن.غزه جي اسپتالن.اسڪولن.مسجدن.چرچن.پناهگير ڪيمپن ۽ ٻين شهري علائقن تي غير انساني ۽ بين الاقوامي قانونن ۽ اصولن کي اورانگهي جنهن درندگي.وحشيت ۽ سفاڪي جو مظارو اسرائيل ڪري رهيو آھي.ان ۡحيوانيت کان هن وقت تائين هزارن جي انگ ۾ فسطينين جو قتل عام ڪيو ويو آھي ۽ بقول ملڪه اردن.رانيا.ماڊرن هسٽري ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آھي ته هڪ پاسي نسل ڪشي ٿي رهي آھي ۽ دنيا سيزفائر جو مطالبو نٿي ڪري يعني انتها اها آھي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽويون سلامتي ڪائونسل واري اجلاس ۾ جڏھن انساني بنيادن تي فوري طور تي جنگ بندي جي ڳاله ڪئي ته اسرائيل کي مرچيون لڳي ويون ۽ هن سيڪريٽري جنرل کان استيعفي جو مطالبو پڻ ڪري ڇڏيو ۽ اسرائيلي پرڏيهي وزير هن سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.تاريخ هن ڳاله جي شاهد آھي ته ان وقت جڏھن يهودين کي دنيا جو ڪو به ملڪ پناه ڏيڻ جي لاء تيار نه هو.ان وقت فلسطينين ئي اسرائيل کي پناه ڏني.ليڪن اها شيطانيت جي پيروري ڪندڙ قوم فلسطينين جي رحمدلي جي جواب ۾ مسلسل فلسطينين تي ظلم وتشدد.بربريت.دهشت.سفاڪيت ۽ قتل وغارتگري جو مظاهرو ڪندي فسلطينين جي ڏنل ايريا ۾ طاقت جي زور تي واڌارو ڪندو رهيو ۽ ھرامن معاهدي کي رد ڪندو رهيو.اهڙي صورت ۾ “موت يا آزادي“ جي نعري تي عمل ڪندي 7آڪٽومبر 2023ع ۾ حماس وڏي خاموشي.ليڪن منصوبابندي ۽ منظم طور تي موساد جهڙي دنيا جي مشھور سفاڪ اينٽيليجنس اداري (.جنهن کي پنهنجو پاڻ تي غرور ۽ تڪبر هوندو آھي) جي غرور ۽ تڪبر کي ٽوڙيندي “آپريشن طوفان الاقصي“جي تحت اسرائيل تي اوچتو حملو ڪري ڏنو.جنهن حملي کان موساد ۽ نيتن ياهو جا هوش ئي اڏري ويا. ته اهو اوچتو فلسطين جي جنگجوئن ۾ ايتري همت.جرئت.طاقت ۽ قوت ڪٿان کان اچي وئي ته هن ايترو وڏو حملو ڪندي سينڪڙين اسرائيلي فوجين کي موت جو کاڄ بڻائي ڇڏيو ۽ ڪيترن ئي فوجين ۽ شھرين کي باندي پڻ بڻائي ڇڏيو.مخالف ڌر ۽ اتان جا عام شھرين اسرائيلي حڪومت جي ان ناڪامي تي ڪاوڙ ڪندي نيتن ياهو کان استيعفا جو مطالبو ڪيو.نتين ياهو جيڪو ويجهر ۾ وڏي مشڪلات سان اقتدار تي آيو هو.هو پنهنجي حڪمراني کي برقرار رکڻ جي لاء بي آرام ۽ بيقرار هو ۽ انهيء پرشاني ۾ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ جي لاء نيتن ياهو مغربي ملڪن جي مدد سان غزه ۾ مسلسل بمباري ڪندي سموري شھر ۾ معصوم ۽ بي گناه انسانن جي لاشن جا ڍير هڻي ڇڏيا آھن.۽ لاشن جو اهو عالم آھي ته انهن کي دفنائڻ جي لاء زمين ناهي بچي.نتيجي ۾ انهن لاشن ۽ لاشن جي ٽڪرن کي هن وقت گڏيل قبرن ۾ دفن ڪيو وڃي ٿو.اسرائيل جي ان حيوانيت ۽ سنگدلي تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ احتجاج ۽ مظاهرا پڻ ٿي رهيا آھن.خاص ڳاله اها آھي ته اسرائيل جي خلاف ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٻين مذھبن جي ماڻھن سان گڏوگڏ وڏي انگ ۾ اهڙا يهودي به شامل آھن.جيڪي انسانيت ۽ انساني قدرن تي يقين رکن ٿا.امريڪا جتي اسرائيل کانپوء اٽڪل 16لک يهودي رهن ٿا.امريڪي ڪانگريس جي ٻاهريان يهودين اسرائيل جي جارحاڻن ۽ وحشي حملن جي سخت مذمت ڪندي مظاهرو ڪيو.جنهن ۾ 500کان وڌيڪ يهودين کي گرفتار ڪيو ويو.امريڪا جي شھر نيويارڪ جي سڀ کان وڏي علائقي هيٽن ۾ به احتجاج ڏٺو ويو. هيٽن جي هڪ يهودي راهب آرٿر شنائز به اسرائيل جي مسلسل بمباري تي پنهنجي ناراضگي جو اظھار ڪيو آھي.
اڳوڻي وزيراعظم.ايهود براڪ جي صلاحڪار ڊيئل ليوي بي بي سي تي ڏنل پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي ته اسرائيل غزه ۾َ پنهنجن انسانيت سوز ظلمن تي پردو وجهڻ ۽ انهن کي جائز قرار ڏيڻ جي لاء منظم.طريقي سان ڪوڙ ۽ فريب جو سهارو وٺي ڪري پروپيگنده ڪري رهيو آھي.اسرائيل جي وسيلي مسلسل فلسطينين جي قتل عام جي خلاف احتجاجن ۽ و مظاهرن جي باه امريڪا سان گڏ برطانيه.ڪيئنڊا.آسٽريليا.اردن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تائين پهچي وئي آھي.اهڙن احتجاجن ۽ مظاهرن ۾ يهودين“يروشلم کي آزاد ڪيو“جا بينر کڻي رکيا هئا.سندن چوڻ ھو ته موجوده اسرائيلي حڪومت يهودين جي نه بلڪ صيهو نين جي نمائندگي ڪري رهي آھي.
هاڻي سوال اهو پيدا ٿيئي ٿو ته حماس ايترو منظم ۽ منصوبي وارو حملو ڇو ڪيو؟اصل ۾ ھيڏانهن امريڪا جي معرفت وسيلي سعودي عرب سان اسرائيل جي محبت وڌي رهي هئي.گڏيل عرب امارات .بحرين ۽ ٻين عرب ملڪن اسرائيل سان گڏ سفارتي تعلقات بحال ڪري ورتا هئا ۽ اهو ڏينهن نهايت ئي ويجهو هو ته اسرائيل ۽ سعودي عرب سفارتي تعلقات قائم ٿي وڃن ها ۽ تمام ستت ڪنهن معاهدي تي صحيحون به ٿي وڃن ها.امريڪا جي ڪوشش سان قائم ٿيڻ واري اها دوستي ڪنهن به صورت ۾َفلسطين جي حق ۾ نه هئي.ياد ڪيو هلندڙ سال جي سيپٽمبر مهيني جي آخر ۾َاسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن جو اهو بيان.جنهن ۾ ھن چيو هو ته سعودي عرب سان تعلقات قائم ٿيندي ئي ست مسلم.ملڪ اسان کي تسليم ڪري وٺندا.ايلي جوهن انهن ملڪن جا نالا ته نه ٻڌايا.ليڪن افريقا ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن چٽو اشارو هو.اصل ۾ امريڪا پنهنجي روايتي دوست سعودي عرب تي اسرائيل سان گڏ تعلقات معمول تي آڻي ڪري هڪ اهم معاهدي تي صحيح ذڪرڻ جي لاء به دٻاء وجهي رهيو آھي ته جيڪا هن خطي ۾ ھن جي سڀ کان وڏي سفارتڪاري هجي ها.هن کان اڳ متحده عرب امارات .بحرين ۽ مراڪش سان ان قسم جا معاهدا ٿي چڪا آھن جيڪي“ابراهم ايڪارڊ“جي نالي سان مشھور آھن.اهڙا سمورا معاهدا فلسطين جي مفادن جي خلاف آھن.فلسطين اهڙن مفادن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چئي چڪو آھي ته اهڙن معاهدن سان فلسطين ۽ ادرائيل جي بنا وچ اوڀر جو امن ممڪن ناهي.فلسطين معاهدي جي لاء ڪجه مطالبا پيش ڪيا هئا.اهي هي هئا ته اولهائين ڪناري جي ڪجه حصن کي جيڪي هن وقت مڪمل طور تي اسرائيل جي جي ڪنٽرول ۾ آھن.(1909ع جي اوسلو امن معاهدي جي تحت جن کي ايريا سي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو)کي فلسطين جي حڪمراني واري علائقي ۾ منتقل ڪيو وڃي.ليڪن مسلمان ملڪ ڪڏھن به اسرائيل سان ڦٽائڻ جو تصور به نه ڪندا.ڇاڪاڻ ته اهي اسرائيل کان ائين خوفزده آھن ڄڻ اسرائيل جي مٺ ۾ سندن جو ساه هجي.جيڪڏھن مسلمان ائين نه ڪندا ته پوء يقينن مظلوم فسطينين جو اڃا به وڌيڪ رت وهندو رهي ؛؛؛
