ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اذان سميع خان پنهنجي ايندڙ البم عزا جو آفيشل ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو آهي.آفيشل ٽريلر 47 سيڪنڊن تي مشتمل آهي جيڪو مداحن لا مجموعي طور تي ميوزڪ ويڊيوز ۽ ويزئلائزرز سان ڀرپور آھي. پهرين آڪٽوبر تي البم آرٽ ورڪ ۽ ٽريڪ لسٽ جي رليز ٿيڻ کان پوءِ، البم ۾ 8 نوان گانا شامل ڪيا ويا، ٽريلر ۾ گلوڪار کي مختلف اويٽرز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ البم جو مونٽاج پڻ ڏنو ويو آهي. ٽريلر ۾ اداڪارا صنم سعيد، سائره يوسف ۽ عينه خان جون مختصر جھلڪيون پڻ ڏيکاريل آهن. ٽريلر ۾ اذان سميع خان جون شيشي مان ليئا پائڻ جا منظر پڻ شامل آهن. قابل ذڪر اويٽرز ۾، خان هڪ گينگسٽر کان متاثر شخص کي اختيار ڪري ٿو، جنهن جي پسمنظر ۾ هڪ ڊرامائي ڪار جي ڌماڪي سان گڏ، بندوقن، روڪ رقم ۽ ڪار جا منظر شامل آهن. ٽريلر ۾ عينه خان، صنم ۽ سائره منفرد انداز ۾ نظر اچي رهيون آهن. ٽريلر شيشي جي ٽڪر جي منظر تي ختم ٿئي ٿوـ البم جي ٽريلر جي ھدايتڪاري فلم والا پڪچرز جي نبيل قريشي ۽ فضا علي مرزا ڏني آهي، جيڪي قائداعظم زنده آباد، لوڊ ويڊنگ، ايڪٽر ان لا وغيره جهڙين فلمن ۾ بصري ڪهاڻي ٻڌائڻ ۾ پنهنجي مهارت جي ڪري مشهور آهن. البم 30 آڪٽوبر 2023 تي Azel Records بينر هيٺ جاري ڪيو ويندو ۽ سڀني اسٽريمنگ پليٽ فارمن تي دستياب هوندو.
