آءِ پي ايل جي دولت تي ٻين جي به دل اچڻ لڳي

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)ميزباني جي خواهش رکندڙن جون دليون تيز ٿيڻ لڳيون آهن، انگلينڊ ۽ آسٽريليا کانپوءِ سري لنڪا کي به ڀارت جي ”ها“ جو انتظار آهي.ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌڻ ڪري گذريل وقت ۾ اڻڄاتل مدي تائين آءِ پي ايل ملتوي ڪري ڇڏيو هو،14 ايڊيشن جا اڃان تائين 29 ميچ ٿيا آهن جڏهن ته باقي 31 رهيل آهن جن جي ڪرائڻ لاءِ بي سي سي آءِ جون نظرون سيپٽمبر جي ونڊو ۾ کتل آهن،ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال سبب انهن ميچن جي ٻاهرين ملڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.جنهن جي ڪري ڪيترائي ملڪ آءِ پي ايل جي ميزباني مان دولت ڪمائڻ جي خواهش رکن ٿا، گذريل ايڊيشن جي ميزباني ڪندڙ متحده عرب امارات بدستور مضبوط اميدوار آهي جڏهن ته انگلينڊ ۽ آسٽريليا به ملتوي ٿيل ميچن جي ميزباني ڪاڻ دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن، سريلنڪا به ڪجهه اڳ پنهنجي وينيوز جي آڇ ڪئي هئي، سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ ان کان اڳ به ڀارتي ايونٽ جي ميزباني ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو