ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ ميرحسن رند) ڀرپاسي وارن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مون سون جي تيز طوفاني برساتن ۽ سم نالن جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي سم نالا پلٽي پيا جن هر طرف تباهي مچائي ڇڏي آهي. جنهن سبب ڪيترائي گهر توڙي ساريال جو فصل؛ ڪمند؛ ٽماٽي؛ مرچ سميت ڪافي ٻيا فصل به تباهه ٿي ويا آهن. مقامي رهواسي لڏ پلاڻ تي مجبور آهن.

ڳوٺاڻن پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين؛ وزير لاشاري؛ مير محمد لاشاري؛ اڪبر لاشاري؛ بگو لاشاري؛ ڀائي خان لاشاري؛ عجب خان لاشاري؛ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊو غلام حيدر تعلقي ۾ برساتي ٻوڏ سبب اسان جا گهر؛ فصل؛ مڪمل پاڻي هيٺ آهن پر انتظاميه پاران اڃان تائين ڪوبه عملي قدم نه کنيو ويو آهي ان لاء اسان پنهنجن گهرن کان بي گهر ٿي معصوم ٻچڙن سميت بي يارو مددگار بڻجي کلي آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي لاچار ۽ مجبور آهيون مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳوٺ الهڏنو لاشاري؛ ڳوٺ مير محمد لاشاري؛ ڳوٺ سائينداد لاشاري؛ وڏيرو مقبول پنهور؛ جافر چانگ؛ محمد علي چانگ؛ حافظ ناٿو چانگ؛ سلام نظاماڻي؛ دودو لاشاري؛ ٽيڪو ڪولهي؛ سان گڏو گڏ ڪيترائي؛ ٻيا ڳوٺ گل محمد اعواڻ؛ يونين ڪائونسل نصير خان چانگ ۾ لڳاتار برساتون وسڻ ڪري ڪيترائي گهر چو طرف برساتي پاڻي لوڙهي ٻوڙي ڇڏيا آهن پر موجوده ڏکئي وقت ۾ تڪ جي ڪنهن به چونڊيل نمائيندن مسڪين عوام جي ڪا به سار سنڀال نه لڌي آهي.










