ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ پاڪستاني رپيو ان جي مقابلي ۾ مسلسل زوال جو شڪار آهي.آمريڪي ڊالر به اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ڊالر 222 رپيا ٿي ويو آهي.گذريل هفتي جي آخري انٽر بئنڪ ٽريڊ سيشن ۾ ڊالر 221 رپيا 92 پيسا تي بند ٿيو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ مثبت شروعات
ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح مثبت طور تي ڪاروبار شروع ٿيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 238 پوائنٽن جي واڌ سان 42095 تي پهچي ويو.










