نصير ميمڻ
ڪجهه ڏينهن کان آمريڪا پاران اسرائيل کي ڏنل اڳواٽ اطلاع کانپوءِ ڪالهه ايران صبح سوير اسرائيل مٿان 300 کان وڌيڪ ڊرون ۽ ميزائل حملا ڪري ڏنا. اسرائيل دنيا جي بهترين دفاعي نظام وسيلي ان حملي کي ناڪام به بڻائي ڇڏيو پر وچ اوڀر ۾ هڪ نئين ٽڪراءَ جي شروعات ٿي وئي. هونئن ته اهو ٽڪراءُ گذريل سال 7 آڪٽوبر تي حماس پاران اسرائيل تي ڪيل حملي ۽ ان کانپوءِ اسرائيل پاران غزا مٿان قيامت برپا ڪرڻ سان شروع ٿي چڪو هو ۽ ان ٽڪراءُ کي نئين شدت تڏهن ملي، جڏهن پهرين اپريل تي اسرائيل پاران شام جي شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني کي تباهه ڪيو ويو. ان حملي ۾ ايران جي اهم ڪمانڊر جنرل محمد رضا زاهدي ۽ سندس ڊپٽي جنرل محمد هاديءَ کي نشانو بڻايو ويو. ايران ان ڏينهن ئي حملي جي ورندي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.
ايران سرڪاري طور پنهنجي حملي کي مڪمل قرار ڏنو آهي، جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو ته ايران، اسرائيل مٿان وڌيڪ حملو نه ڪندو پر اسرائيل ان جي ورندي ۾ ڇا ڪندو، اهو اڃان سامهون نه آيو آهي. جيڪڏهن اسرائيل ان جي موٽ ۾ ايران خلاف ڪا ڪارروائي ڪري ٿو ته پوءِ ٻه پاسائين سڌي جنگ شروع ٿي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ ايران جنگي ٽيڪنالاجيءَ ۾ اسرائيل کان گهڻو پٺتي آهي، پر جيئن ته اسرائيل کي آمريڪا جي ٽيڪ موجود آهي، تنهنڪري آمريڪا دشمنيءَ ۾ روس اهڙي ڪنهن جنگ ۾ ايران کي هر طرح جي واهر فراهم ڪندو. ساڳيءَ ريت چين به غير عسڪري حد تائين ايران جي مدد ڪري سگهي ٿو. خراب ترين صورتحال اها ٿي سگهي ٿي ته ايران ۽ اسرائيل ۾ سڌي جنگ شروع ٿئي ۽ سندن حامي روس ۽ آمريڪا ان جنگ ۾ سڌو سنئون گهلجي وڃن. ان جو سڌو مطلب ٿيندو ٽئين مهاڀاري لڙائي. البته جو بائيڊن جي بيانن مان لڳي ٿو ته هو سڌو سنئون ان ٽڪراءَ ۾ ڌر ٿيڻ بدران اسرائيل کي هٿيارن جي شڪل ۾ واهر فراهم ڪندو. يوڪرين واري ويڙهه ۾ به آمريڪا ۽ سندس حامي ناٽو جا ملڪ سڌو سنئون روس سان ٽڪراءُ بجاءِ يوڪرين کي عسڪري ۽ مالي واهر فراهم ڪري رهيا آهن. آمريڪا کي افغانستان واري تجربي کانپوءِ اهو سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته جنگ ۾ سڌو سنئون ٽپي پوڻ بجاءِ حامي ملڪ کي واهر ڏيئي ويڙهه ڪرڻ جوڳو بنائڻ بهتر آهي. آمريڪا اسرائيل جو کليل حامي هوندي به غزا ۾ سندس غير انساني ڪارروائين سبب عالمي دٻاءُ هيٺ آهي. کيس اهو به پتو آهي ته ايران ۽ اسرائيل جوهري طاقتون به آهن. آمريڪا کي اها به سڌ آهي ته ايران عالمي پابندين جي باوجود خطي ۾ هڪ عسڪري طاقت آهي، جنهن وٽ وڃائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ناهي، تنهنڪري اهڙي جنگ جو پکڙجڻ سڄي خطي ۾ شعلا پکيڙڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. ان جو فائدو روس کي ۽ نقصان آمريڪا کي ٿيندو. تنهنڪري لڳي نٿو ته آمريڪا ان جنگ ۾ سڌو سنئون ڌر بڻجي. ان جنگ جو هڪ معاشي پاسو به آهي، جنهن بابت گهٽ لکيو ۽ ڳالهايو پيو وڃي. اهو پاسو آهي ايراني پٺڀرائي وارن حوثي باغين پاران يمن ڀرسان سامونڊي لنگهه “اسٽريٽ آف عدن/باب المندب” وٽان اسرائيل ۽ سندس حامي ملڪن جي سامونڊي تجارتي ٻيڙن تي حملا ڪرڻ. هڪ ڪاٿي موجب غزا مٿان اسرائيلي حملي کان وٺي هينئر تائين حوثي ان سامونڊي لنگهه مان گذرندڙ ٻيڙن مٿان 60 کان وڌيڪ حملا ڪري چڪا آهن. جيئن اسرائيل پاران غزا ۾ ڪا ڪارروائي شروع ڪئي وئي ته حوثين اسرائيل خلاف جوابي ڪارروائيءَ جو چتاءُ ڏنو هو. يمن جيئن ته اسرائيل کان 2 هزار ڪلوميٽر پري آهي، تنهنڪري حوثين لاءِ اسرائيل خلاف سڌو حملو ڪرڻ ته ممڪن نه هو پر هنن ڳاڙهي سمنڊ جي ان لنگهه وٽان اسرائيلي مفادن کي نشانو بنائڻ شروع ڪيو. ياد رهي ته هي سامونڊي لنگهه عربي سمنڊ کي سوئيز واهه وسيلي يورپ جي ڀونچ سمنڊ (ميڊيٽيريئن سي) سان ڳنڍي ٿو ۽ عالمي واپار لاءِ انتهائي اهم ماڳ آهي. لڳ ڀڳ 32 ڪلوميٽر وهڪرو اهو سامونڊي لنگهه يورپ ڏانهن تيل جي 20 سيڪڙو ۽ گئس جي 24 سيڪڙو رسد جي راهداري آهي. هر سال ان لنگهه مان 33 هزار واپاري بحري ٻيڙا گذرندا آهن، جنهن سان چين ۽ نار وارن علائقن جو يورپ ۽ آمريڪا سان ڪاروبار ٿيندو آهي. جڏهن کان حوثين اتان گذرندڙ اسرائيلي ۽ سندس حامي ملڪن جي ٻيڙن تي حملا ڪيا آهن، ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين جي ٽينڪرن جو اتان گذر بند ٿي ويو آهي. فرانس، جرمني، سوئيٽزرلينڊ جي سامونڊي رسد وارين ڪمپنين اچ وڃ بند ڪري ڇڏي آهي. ان لنگهه مان گذرندڙ سامونڊي ٻيڙن جي انشورنس ڏهوڻ تي مهانگي ٿي وئي آهي. ان لنگهه جي متبادل لنگهه لاءِ سامونڊي جهازن کي سڄو آفريڪا کنڊ ڦري ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان لنگهي يورپ پهچڻو پوندو آهي. اهو رستو باب المندب واري لنگهه کان 8- 9 هزار ڪلوميٽر ڊگهو آهي. ايئن سمجهو ته جيڪڏهن نار مان ڪو ٻيڙو لنڊن جي پورٽ لاءِ نڪري ته باب المندب وٽان ان کي 12 هزار ڪلوميٽر پنڌ ٿيڻ ۾ 14 ڏينهن لڳندا، پر جيڪڏهن اهو ٻيڙو متبادل رستو اختيار ڪندو ته ان کي 20900 ڪلوميٽر مفاصلو پوندو، جنهن لاءِ ان کي 24 ڏينهن گهربل هوندا. ان ڊگهي پنڌ جي ٽرانسپورٽ مهانگي پوندي، جنهن سان وچ اوڀر، ترڪي، چين ۽ ٻين ملڪن جي يورپ ۽ آمريڪا ڏانهن تيل ۽ ٻين شين جا اگهه وڌي ويندا. عالمي پڙيءَ ۾ جيڪڏهن تيل مهانگو ٿيو ته پاڪستان کي به تيل مهانگي اگهه تي ملندو. تيل مهانگو ٿيڻ جو مطلب آهي بجلي ۽ ٽرانسپورٽ جا اگهه وڌڻ. ان سان نه رڳو ملڪ اندر هر شيءِ مهانگي ٿيندي پر پاڪستان کي پرڏيهه مان مهانگيون شيون گهرائڻ سبب ڊالرن جي به وڌيڪ گهرج پوندي. پاڪستان جي پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن تي اڳي ئي وڏو دٻاءُ آهي ۽ هيءَ صورتحال ان لاءِ وڌيڪ ڏکيائيءَ جو ڪارڻ بڻجندي.
ٻئي پاسي جيڪڏهن اسرائيل ۽ ايران ۾ ٽڪراءُ شدت اختيار ڪري ٿو ۽ آمريڪا ان ۾ پير ٿو رکي ته پاڪستان لاءِ به بنهه پاسيرو رهڻ ڏکيو ٿي پوندو. اهو به ممڪن آهي ته آمريڪا، ايران مخالف ڪارروائين لاءِ پاڪستان جي زمين ۽ عسڪري سهولتون استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هونئن ته پاڪستان اهڙي ڪنهن صورتحال ۾ ڌر بڻجڻ کان پاسو ڪندو، ڇو ته ان سان ملڪ اندر به فرقيوار ٽڪراءُ جنم وٺي سگهي ٿو پر ڪا خبر ناهي ته هاڻوڪي معاشي سوڙهه سبب ملڪ جا واڳ ڌڻي آمريڪي ڊالرن خاطر افغان جنگ جيان هتي به ڌر بنجڻ جي لالچ جو رويو اختيار ڪن. ان کان اڳ پاڪستان سعودي- يمن ويڙهه ۾ سڌو سنئون ڌر بڻجڻ کان جواب ڏنو هو ۽ اميد ڪجي ٿي ته هن ڀيري به هوشمنديءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو. پاڪستان کي ان ويڙهه ۾ پاڻ ساڙڻ کان بچائڻ لاءِ اڻ ڌريائپ وارو دڳ وٺڻ گهرجي.
هونئن به ايران جي جنگي حڪمت عملي اسرائيل سان ڪنهن وڏي ٽڪراءَ بجاءِ نمائشي جنگ واري آهي. ايران جي جنگي ٽيڪنالاجي به اسرائيل جي ڀيٽ ۾ مدي خارج آهي. اسرائيل پنهنجي جنگي مٿڀرائي ڏيکارڻ واري نفسياتي حربي طور جوابي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، نه ته ان تي ٿيل ايراني حملي سان عملي طور ان کي ڪو به نقصان ناهي پهتو ۽ ايران وڌيڪ ڪارروائي نه ڪرڻ جو به چئي رهيو آهي. جيڪڏهن اسرائيل ان جي موٽ ۾ ڪا وڌيڪ ڪارروائي نه ڪئي ته اها جنگ اڳتي وڌڻ بجاءِ اتي بيهي ويندي. تنهنڪري پاڪستان کي ان نمائشي ويڙھ کان پاسيرو رهڻ گهرجي. ملڪ جا اندروني معاملا هن وقت وڌيڪ سنگين آهن. جنگي معيشت جي وقتي فائدن جي ڀيٽ ۾ ان جا ڊگهي مدي وارا اُگرا اثر وڌيڪ بربادي آڻين ٿا. افغانستان واري ويڙھ ۾ ڌر ٿيڻ جي قيمت پاڪستان اڄ به ڀري رهيو آهي ۽ نه ڄاڻ اڳتي ڪيستائين ڀريندو رهندو. پاڪستان کي هاڻي ڪاروباري معيشت تي محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪي به ملڪ پاڙي جي جنگين کان پاسيرا رهيا، انهن جي حالت اسان کان گهڻي بهتر آهي.
ھي آرٽيڪل پنھنھجي اخبار جي ٿورن سان پڙھندڙن جي لاءِ پيش ڪجي ٿو










