نئون ديرو(رپورٽ شاد محمود ڀٽو) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ گورنر سردار ممتاز علي خان ڀٽو جي وفات کانپوءِ ڀٽو برادري پاران سندس وڏي پٽ امير بخش خان ڀٽو کي سرداري واري پڳ ٻڌارائڻ واري تقريب نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ آباد ڀٽو ۾ ٿي گذري جنهن ۾ مختلف برادرين جي سردارن ڀٽو برادري جي رئيسن چڱن مڙسن ۽ ڀٽو برادري جي ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وسيم خان ڀٽو، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو, سردار عامر خان ڀٽو, نواب علي حيدر خان ڀٽو، محمد راشد شاه راشدي, پير عبدالخالق ڀرچونڊي, مولانا راشد محمود سومرو, ايم اين اي غوث بخش خان مهر, سردار علي نواز خان جلباڻي, سردار مير غالب خان ڊومڪي, ڊاڪٽر صفدر عباسي, سردار لطف الله دل, سردار علي نواز خان گهانگهرو, سردار زاده حاجي خان مهر, سردار اظهر خان ڪماريو, سيد الله ڏنو شاه, سردار معظم خان عباسي, سردار زاده افتخار لنڊ, عادل الطاف انڙ, سيد حسن محمود امروٽي, سيد زين شاه, سابق وزير اعليٰ لياقت خان جتوئي, ايف آءِ اي ڊائريڪٽر بلوچستان عبدالحميد ڀٽو, ڊاڪٽر ابراهيم خان جتوئي, سردار محبوب بجاراڻي, رسول بخش ڀٽو, محترمه بينظير ڀٽو جو سوٽ سابقه وزير شاهد خان ڀٽو,سردار تيغو خان تيغاڻي, سردار نثار ککراڻي, سردار ذوالفقار علي جيهو, سردار رضوان علي ڪيهر, وڏيرو غلام عباس خان ڀٽو،شاد محمود خان ڀٽو،اڳوڻو ايس ڊي او واپڊا غلام مرتضي’ ڀٽو،ڀٽو ويلفيئر آرگنائيزر تعلقه رتوديرو جو صدر شاهنواز ڀٽو،ضمير حسين ڀٽو،علي گل ڀٽو،محمد پريل ڀٽو،۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته امير بخش ڀٽو جي پڳ کي پهريون ور سردار عامر علي خان ڀٽو ڏنو ٻيو ور سندس سوٽ رسول بخش خان ڀٽو ڏنو ٽيون ور جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ڏنو.سندس ڀاء علي حيدر خان ڀٽو به ور ڏنو ۽ ٻين سردارن پيرن گادي نشينن به پڳ کي ور ڏنا، جڏهن ته امير بخش خان ڀٽو جن خطاب ڪندي چيو ته مان سڀني جو شڪر گذار آهيان. مان ڀٽا قوم جو سردار نه پر غلام ٿي ڪم ڪندس, پڙ ڏاڏي دودا خان ڀٽو جي پڳ مون مٿان آهي مان مهيني بعد ضلعي دورا ڪندس, اسان مسلمان آهيون اسان جي ثقافت ۾ روايتون آهن, پر مان سنت نبي ﷺ جي نقش قدم جي پيروي ڪندس. اسان جي سرداري نظام تي حملا ٿي رهيا آهن اهي جاهل ۽ پراڻي رواج تي ٿا هلن مان چوان ٿو ته سرداري نظام نه هجي تي هي ملڪ تباه ٿي وڃي. ڪورٽن ۾ ويهه ويهه سال لڳي وڃن ٿا. ادارن ۾ ڪا داد رسي نٿي ٿئي عوام مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي. ٻين ملڪن ۾ نظام بهتر آهي جنهن ڪري اتي سرداري سسٽم نه آهي. اسان جيڪڏهن هن فصل نه ڪيون ته ملڪ گوڏن ڀر ڪري پوي. سردارن کي گذارش آهي ته هڪ پليٽ فارم جوڙيو وڃي ته جيئن سرداري سسٽم تي ڪو آنڱر نه کڻي سگهي. جڏهن ته پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ ۽ نعت رسول ﷺ سان ڪئي وئي.جڏهن ته سيڪيورٽي جا مڪمل انتظام هئا پوليس هاء الرٽ هئي جڏهن ته ماڻهن کي واڪ ٿرو گيٽ تان گذاري تلاشي وٺي پوء پنڊال ۾ داخل ٿيڻ ڏنو پئي ويو،هوڏانهن اسٽيج تي ٻه وڏيون ٽي وي اسڪرينيون لڳايون ويون هيون.










