اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت طرفان هلندڙ هفتي جي پهرين ڏينهن پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 88 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 1 رپيو 88 پيسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 393 رپيا 64 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 397 رپيا 76 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 6 آڪٽوبر لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن، جن جو اطلاق اڄ رات 12 وڳي کان ٿيندو.










