ادريس لغاري
گذريل ڏينهن پاڪستان ۾ هڪ غيرمعمولي خبر آئي ۽ اها خبر ڊي جي آءِ ايس پي آر جي طرفان هئي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي گرفتار ڪيو ويو آهي. فيض حميد جي گرفتاري جا ظاهري طور ٻه سبب ٻڌايا ويا آهن. جنهن ۾ سڀ کان پهريون اسلام آباد ۾ ٽاپ سٽي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل جو ۽ ٻيو رٽائرمينٽ کانپوءِ آرمي ايڪٽ جي لتاڙ جو. فيبروري 2017ع ۾ ٽاپ سٽي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ جنرل فيض حميد تي الزام لڳايو هو ته هن پنهنجي مخصوص مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن جي گهر تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن ڇاپو هنيو ۽ زبردستي گهر مان ڪيترا دستاويز ۽ قيمتي شيون کڻي ويا. هن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته هن کي تقريبن 100 ارب رپين جو نقصان پهچايو ويو. ياد رهي ته ٽاپ سٽي هائوسنگ اسلام آباد ۾ 12 سئو ارب رپين جو پراجيڪٽ شروع ڪري رکيو آهي، جيڪو نئين اسلام آباد ائيرپورٽ جي بلڪل ويجهو آهي. فيض حميد تي ٻيو الزام جيڪو رٽائرمينٽ کانپوءِ آرمي ايڪٽ جي لتاڙ جو آهي. جيڪو سڀ کان وڌيڪ سنجيده ۽ سخت الزام آهي، تنهن جا ڪي به تفصيل ميڊيا سان شئير نه ڪيا ويا آهن. چيو وڃي پيو ته جنرل فيض رٽائرمينٽ کانپوءِ به سياسي طرح تحريڪ انصاف جي مدد ڪري رهيو هو ۽ ان جي اڳواڻن کي خاص هدايتون ڏيڻ ۽ حاضر سروس فوجي آفيسرن جي خلاف عمل ڪرڻ لاءِ چوندو رهيو. چيو وڃي ٿو ته فيض حميد کي ٻه ٽي دفعا چيو ويو ته هُو اهڙي قسم جي عملن کان پاسو ڪري، پر فيض حميد انهن هدايتن يا پيغامن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته فيض حميد پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ آهي جنهن کي باضابط گرفتار ڪيو ويو آهي.
پاڪستان جي تاريخ ۾ جيڪي جنرل پنهنجي سروس دوران تمام گهڻو تڪراري رهيا هجن يا ميڊيا ۾ بحث هيٺ ايندا رهيا هجن، ويجهڙ جي تاريخ ۾ انهن ۾ جنرل فيض جو نالو نمايان آهي. جنرل فيض تي سڀ کان پهرين نواز ليگ خاص طور تي ان جي صدر نواز شريف الزام لڳايو ته منهنجي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۾ فيض حميد خاص ڪردار ادا ڪيو، جنهن ۾ فيض آباد جو ڌرڻو به شامل آهي ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي پوري طرح هن استعمال ڪيو. ان کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج شوڪت صديقي ميديا ۾ اچي فيض حميد تي سنگين الزام لڳايا ۽ چيو ته فيض حميد چئي ٿو ته نواز شريف ۽ سندس ڌي مريم نواز کي ڪنهن به طرح 2018ع جي چونڊن کان اڳ ضمانت نه ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن انهن کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو ته پوءِ اسان جي ٻن سالن جي محنت ضايع ٿي ويندي. ان سان گڏ جج شوڪت صديقي کي لالچ ڏني وئي ته توهان کي ان جي بدلي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرايو ويندو. شوڪت صديقي جي اهڙن الزامن کي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار بي بنياد قرار ڏيندي هن کي جج واري عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو. ان تي جسٽس شوڪت صديقي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي ۽ ڪجهه مهينا اڳ چيف جسٽس فائزه عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته جسٽس شوڪت صديقي سان بلڪل زيادتي ڪئي وئي، تنهن تي هن کي هڪ جج طور بحال ڪجي ٿو پر عمر وڌي وڃن سبب جج نٿو رهي سگهي پر هن کي هڪ جج طور سڀ مراعتون ڏنيون وڃن. وري ساڳئي طرح پيمرا جي اڳوڻي سربراهه ابصار عالم به فيض حميد ۽ آءِ ايس آءِ جي ٻين آفيسرن تي انتهائي سنجيده الزام لڳايا ۽ اهي سڀ تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا.
فيض حميد تي ٽاپ سٽي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ جا 100 ارب رپين جي نقصان جا الزام هجن يا کڻي نواز ليگ، جسٽس شوڪت صديقي، ابصار عالم جا ۽ وڏي ڳالهه ته ان کانپوءِ وري فوج جو هن کي گرفتار ڪرڻ، اهي سڀ ڳالهيون ۽ عمل ظاهر ڪن ٿا ته فيض حميد ڪهڙي قسم جو ڪردار ادا ڪندو رهيو. يعني بي انتها ڪرپشن کان ويندي اختيارن جو ناجائز استعمال تائين. فيض حميد جي گرفتاري هڪ حد تائين واضح ڪري ٿي ته ان تي رڳو الزام ناهن، پر انهن الزامن ۾ وڏي حد تائين صداقت به آهي، جيڪڏهن اهي صرف الزام هجن ها ته هو جن وڏن عهدن تي رهيو آهي، تنهن کي ائين گرفتار نه ڪيو وڃي ها. فيض حميد جي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف سان ويجهڙائي ڪنهن کان به لڪيل نه هئي ۽ نه آهي. پر ساڳئي وقت وري آرمي چيف ٿيڻ لاءِ هن ان نواز شريف سان وڃي رابطو ڪيو جنهن کي حڪومت مان ڪڍائڻ ۾ پاڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪري چڪو هو. ان حوالي سان انڪشاف ڪندي گذريل ڏينهن هڪ ٽي وي ٽالڪ شو ۾ بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف چئي ڏنو ته، ”فوج جو اڳوڻو سربراهه قمر جاويد باجوه جنرل فيض جي لاءِ هن سان ۽ نوازليگ جي قيادت سان مسلسل رابطي ۾ هو ۽ تعاون جي درخواست ڪندو رهيو.“ هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته.”جنرل فيض چوندو هو ته منهنجي مٿي تي هٿ رکو. جنرل باجوه جو سهرو جنرل اعجاز احمد ۽ جنرل فيض جو سهرو رٽائرڊ برگيڊيئر فاروق اعواڻ جا پاڻ ۾ گهرا تعلقات آهن. ٻئي نياڻا ۽ ٻئي سهرا آخري لمحن تائين ڪوشش ڪندا رهيا ته جنرل فيض آرمي چيف ٿي وڃن. عاصم منير جي مقرري کان 24 ڪلاڪ اڳ جنرل باجوه چيو ته ٺيڪ آهي جيڪو توهان چئو ٿا اهو ڪيو پر عاصم منير کي آرمي چيف نه ڪيو ۽ چيائين ته جنرل فيض جي نالي تان آئون هٿ کڻان ٿو ۽ جنرل عاصم منير جي نالي تان نواز شريف ۽ شهريف هٿ کڻن.“ فيض حميد ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوهه بابت خواجه آصف جا انڪشاف اهو واضح ٻڌائين ٿا ته ڪهڙي طرح اسان جا حاضر سروس اعليٰ عسڪري آفيسر وڏن عهدن لاءِ پنهنجي پسند جا ماڻهو مقرر ڪرائڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ هلائڻ لاءِ آخري حدن تائين وڃن ٿا ۽ هيڏانهن عوام آڏو ميڊيا ۾ وري ميرٽ ۽ وڏي ڊسيپلين جا ڀاشڻ ڏيڻ جي مهم زور شور تي هوندي آهي ۽ وڏي فخر سان عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته سڀ ڪم قانون مطابق ٿي رهيا هوندا آهن ۽ ان ۾ ڪنهن جي مداخلت جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
جيڪڏهن فيض حميد کي صرف ئي صرف هڪ هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ کي پريشان ڪرڻ ۽ ان کي مالي نقصان پهچائڻ جي ڳالهه هجي ها ۽ ان تي هن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻي هجي ها ته پوءِ اها ڪارروائي 2017ع ۾ ئي شروع ٿي وڃي ها. پر ستن سالن کانپوءِ ان ڪيس ۾ فيض حميد جي گرفتاري صرف ئي صرف ڏيکاءُ ٿي سگهي ٿو، ڇو ته هن ملڪ ۾ سياستدانن سان گڏ جنرلن جي ڪرپشن جا داستان پوري دنيا ۾ مشهور آهن. پر هتي اصل معاملا ان کان به مٿين سطح جا آهن. جنهن ۾ فيض حميد جي عمران خان ۽ تحريڪ انصاف سان ويجهڙائي ۽ خاص طور تي 9 مئي ۽ ان کانپوءِ به تحريڪ انصاف سان ويجهڙائي. ساڳئي وقت آرمي چيف ٿيڻ لاءِ سر ٽوڙ ڪوششون ڪرڻ جنهن ۾ جنرل باجوه جو ساٿ وغيره ۽ ان ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ خاموش ٿي نه ويهڻ ۽ هر لحاظ کان اندر ئي اندر متحرڪ رهڻ ۽ ڪردار ادا ڪرڻ، جنهن جي ڪري هن تي آرمي ايڪٽ جي لتاڙ جو انتهائي سنگين الزام لڳايو ويو آهي. وڏي ڳالهه ته بظاهر ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي ته هن آرمي ايڪٽ جي ڪهڙي طرح خلاف ورزي ڪئي؟ ۽ ان ڏس ۾ هن ڇا ڇا ڪيو آهي؟ عوام کي ڀلي کڻي نه ٻڌايو وڃي پر ملڪ جو موجوده سياسي منظرنامو واضح ٻڌائي رهيو آهي ته ملڪ اندر وڏن ادارن ۾ گهڻو ڪجهه ٺيڪ نه پيو هلي ۽ هر طرف کان رياست جي ڪرتا ڌرتائن کي سخت چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ جيڪي عمل ۽ قدم کنيا پيا وڃن، اهي ڪي به مثبت ثابت نه ٿي رهيا آهن، جنهن جي ڪري ”سنگين بحران“ وڌيڪ ”سنگيني“ ڏانهن پيو وڃي ۽ شيون ۽ حالتون نارمل ٿيڻ بجاءُ وڌيڪ ۽ نون بحرانن کي جنم ڏئي رهيون آهن ۽ هر طرح کان هڪ غيريقيني واري صورتحال نظر پئي اچي!
روزاني پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو










