لنڊن (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ صارفين جي پرائيويسي لاءِ اهم تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سماجي رابطن جي مشهور ويب سائٽ فيس بڪ جي تبديلين جو مقصد مسئلن جو سبب بنجندڙ صارفين ۽ برادري جي ماڻهن تائين پهچ حاصل ڪرڻ آهي. ڪمپني موجب اهڙا گروپ ميمبرز جيڪي فيس بڪ اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندا انهن کي پوسٽس يا ڪمنٽس ڪرڻ کان روڪيو وڃي.گروپس ۾ وارننگ ليبل جو اضافو ڪيو ويندو ۽ جڏهن به ڪوبه صارف ان گروپن جو حصو بڻجڻ چاهيندو ته انهن کي آگاهه ڪيو ويندو. ته هي گروپ اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي. ته جيئن اهو صارف ان ۾ شموليت کان پاسو ڪري. ان کان اڳ هلندڙ مهيني آمريڪي رياست الينوائي ۾ پرائيويسي جي ڀڃڪڙي تي فيس بڪ کي 650 ملين ڊالرز جو هرجاڻو ادا ڪرڻو پيو هو.شڪاگو جي اٽارني سال 2015 ۾ فيس بڪ تي ڪيس هلايو هو جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته فيس بڪ سال 2008 جي الينوائي پرائيوسي جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي. فيس بڪ تي لڳايل الزام موجب اداري پرائيويسي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندي چهرن جي سڃاڻپ لاءِ بائيو ميٽرڪ ڊيٽا غيرقانوني طور تي جمع ڪيو هو.ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت فيس بڪ کي 650 ملين ڊالرز ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته فيس بڪ هلندڙ سال جي آخر ۾ اسمارٽ گلاسز لانچ ڪرڻ جو اعلان به ڪيو آهي.










