غريبن سان آخر ظلم ڇو؟

غريبن سان آخر ظلم ڇو؟

حنيف گبول ايڊوڪيٽ
اسان سڀني اڪثر ڪري ڏٺو ھوندو ته ھر ھنڌ غريبن سان ظلم ٿيندو رھيو آھي اھو ايئن ڇو ڇو ته ھي سنڌ آھي ھتي ڪجھ طبقن وارا ماڻھو آھن جيڪي ھن غريب ماڻهو سان ظلم ڪن ٿا ڇو ته رب پاڪ کانسواء انھن کي ٻڌڻ ء خيال ڪرڻ وارو ڪوئي ڪونھي ڄڻ ڪوئي انھن کي انسان به ڪو نه ٿا سمجھن ڇو ته توھان اڪثر ڪري ڏٺو ھوندو ته غريب ماڻهو جي ھر لحاظ سان ڪيڙو مڪوڙو سمجھي ڪچليو وڄي ٿو ،توھان وڄي ڪنھن به سرڪاري ھاسپيٽل ۾ وڄي ڏسو ته اوھان کي سڄو اندازو لڳي ويندو ڇو ته اوھان اتي ڊاڪٽرن ،ڪمپائونڊرن ۽ اتي دروازي تي بيٺل چوڪيدار جو رويو ان غريبن سان ڏسو ته ھو ڪيئن انھن کي لائينن تي بيھاري خوار ڪري ٿو ھو سنڌي ۾ وڏا پھاڪا ڏين ٿا ته ڄڻ ھو سؤ ڪھاڙي جو مالڪ ھجي ڊاڪٽر کان به وڌيڪ سمجھن ٿا ڇو جو اھي غريب آھن ۽ آن جي برعڪس توھان ڏسندو ته اتي ساڳئي جاء تي ڪو امير ماڻھو يا ڪو واسطي وارو ھوندو ته آن کان ته دروازي تي پڇا ئي ڪو نه ڪندا ته ھيڏي ساري لائين آھي توھان لائين توڙي اندر ڪيئن ٿا وڃو ڪوئي آن کان سوال ڪرڻ وارو ئي ڪو نه ھوندو ڇو جو ھو امير آھي يا ڪو سفارشي يا ڪو ڏاڍي جو ماڻهو ھوندو ۽ غريب ماڻھو اتي ئي انھن ماڻھن کي ڏسي ويتر مايوس ٿي ڪري سوچيندا ته ھتي اندھير نگري چرٻٺ راجا جو دؤر آھي ،خير ھتي مان ھڪڙو اسپتال ۾ ٿيندڙ غريبن سان ٿيندڙ ظلم جو ننڍڙو مثال ڏنو آھي ڇو جو ھتي الائي ڪيترائي مثال سرڪاري آفيسن ۾ ٿيندڙ غريبن سان ظلم آھن جو لکڻ تي اچون ته ڪيترائي پنا لکجي وڃن پر انھن غريب ماڻھن سان ٿيندڙ ظلم جو داستان ختم نه ٿي .
اسان جي معاشري ۾ رھندڙ امير، آفيسر يا وچين طبقي وارن ماڻھو کي کپي ته اھي انھن غريبن جي ھر موڙ تي مدد ڪن ڇو جو ھي به ڪنھن غريب جا ٻچا آھن ھي به ساھ کڻن ٿا ھنن جي به دل ڌڙڪي ٿي سندن جذبا آھن ـ پر افسوس جو ھنن جي احساسن کي سمجھڻ وارو ڪوئي ڪونھ ھوندو آھي ـ جنھن جي ڪري غريب طبقي کي پوئتي رھڻو پوي ٿو ـ
دنيا اندر جيڪي گھٽ آمدن وارا ماڻھو ئي وڏن وڏن عھدن تي پھتا آھن ـ جنھن ۾ ھڪ مثال اڳوڻي آمريڪي صدر بارڪ اباما جو آھي ـ جيڪو ڪاري نسل جو ھجڻ باوجود سخت محنت سان آخر ڪار دنيا جي سڀ کان وڏي سپر پاور آمريڪا جو صدر بڻيو ـ اھڙي ريت مشھور سائنسدان ايڊيسن پڻ ھڪ غرين گھراڻي جو فرد ھو پر سخت محنت ڪرڻ بعد دنيا جو سڀ کان وڏي سائنس دان بڻجي پيو ــ پاڪستاني سائنسدان عبدالسلام جو تعلق پڻ ھڪ غريب خاندان سان ھو پر ھو ناميارو سائسندان بڻيو ـ

پهنجو تبصرو موڪليو