ادارن خلاف تقرير: سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

ادارن خلاف تقرير: سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد:(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي ادارن خلاف تقريرن بابت درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ٿي وئي.سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيل درخواست ۾ عمران خان کان علاوه فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري جا نالا به شامل آهن. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ادارن خلاف تقرير بابت درخواست تي ٻڌڻي جي لاءِ بينچ جوڙي ڇڏيو.جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي نقوي تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ 8 سيپٽمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس درخواست گذار قوسين فيصل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو