صدر زردراي جي وزيراعظم کي فون تي عيد مبارڪ

صدر زردراي جي وزيراعظم کي فون تي عيد مبارڪ

نوابشاهه(ن س) صدر آصف علي زرداري عيد جي نماز شهيد بينظيرآباد ۾ ادا ڪرڻ بعد فون ڪري وزيراعظم شهباز شريف کي عيد جي مبارڪ ڏني. زرداري هائوس تي پيپلز پارٽي جي مختلف شهرن مان قافلن جي آمد جاري رهي ۽ صدر سان عيد ملي کيس مبارڪ ڏني. پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن به صدر سان ملاقات ڪري عيد مبارڪ پيش ڪئي. صدر زرداري پنهنجي وڏڙن جي قبرن تي بالو جا قبا ۾ حاضري ڀري فاتحه پڙهي ۽ سندن مغفرت لاءِ دعا گهري.

پهنجو تبصرو موڪليو