ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صارفين جي ڊمانڊ تي انسٽا گرام هڪ اهم فيچر متعارف ڪرايو آهي. جنهن بعد صارفين ڪا ويڊيو ريلز نارمل ۽ اسپيڊ موڊ ۾ به ڏسي سگهندا. اوهان ويڊيو جي اسڪرين کي دٻائي رکو ته 2X جو آپشن ايندو، جيئن ئي ان تي ڪلڪ ڪندا ته ويڊيو تيز هلڻ شروع ٿي ويندو. انسٽا گرام تي ويڊيو 15 سيڪنڊ کان اڌ منٽ جي شيئر ڪري سگهجي ٿو پر افواهه آهن ته انسٽا گرام ويڊيو کي ٽڪ ٽاڪ جيان 10 منٽن تائين وڌائڻ تي بي غور ڪري رهيو آهي. ڊبل اسپيڊ بتڻ به ٽڪ ٽاڪ کان متاثر ٿي وڌائي وئي آهي.










