شاهين ۽ وارنر جي وائرل ٿيل تصوير جي اصل ڪهاڻي

شاهين ۽ وارنر جي وائرل ٿيل تصوير جي اصل ڪهاڻي

لاهور(اسپورٽس نيوز)فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي پنهنجي وائرل ٿيل تصوير ۾ آسٽريلوي بيٽسمين ڊيوڊ وارنر سان گڏ هڪ دلچسپ ڪهاڻي شيئر ڪئي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شاهين شاهه آفريدي چيو ته سيريز کان اڳ ٻنهي ٽيمن ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ مقابلو ٿيو هو پر گذريل 6 هفتن ۾ ٻنهي ملڪن جا رانديگر مڪمل طور تي هڪ ٻئي سان ملي ويا هئا.هن چيو ته آسٽريلوي ٽيم جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن کي ويجهو اچڻ جو موقعو مليو. شاهين شاهه آفريدي ڊيوڊ وارنر سان هڪ دلچسپ واقعو جو ذڪر ڪندي چيو ته بال کٽڻ کانپوءِ جڏهن هو ڊيوڊ وارنر جي ويجهو پهتو ته هو به اتي ئي ويهي رهيو، جنهن تي فوٽوگرافرز بهترين تصوير پيش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو