سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هائبرڊ جمهوري نظام

سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هائبرڊ جمهوري نظام

ليکڪ محمد اسماعيل لانگاھ 

ملڪ جي موجوده سياسي ڪشمش مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ توڙي وزير اعظم عمران خان لاء حالتون ڪنهن به حالت ۾ سازگار ٿيندي نظر نه پيون ۽ ملڪ جي وڏن وڏن سياسي مفڪرن توڙي عمران ڪابينا جا ماڻھون خود چوڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن ته جيڪڏھن وزير اعظم ويو ته اهو ملڪ لاء سُٺو نه هوندو, پر انهن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته جيڪو عوام چاهيندو ايئن ٿيندو. هن وقت وزير اعظم عمران خان کي جيڪا سوڙھ ٿي آھي چوڻ وارا چون ٿا ته سليڪٽرن عمران خان تان هٿ هٽائي ڇڏيو آهي تڏھن ئي ته هو هڪ جلسي دوران مولانا فضل الرحمان خلاف نازيبا زبان ۾ جيڪا تقرير ڪئي آهي ان تي اندروني طرح هو بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي، هر تقرير ۾ چوي ٿو ته نيوٽرل جانور هوندا آهن. ڏٺو وڃي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار جي بيان بعد هو اهو جملو هر هر ورجائي سليڪٽرن کي وڌيڪ چڙائي رهيو آهي.

سندن خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ ۽ اتحادين سان ٿيل ملاقاتن مان مانُ نه ملڻ تي عمران خان پنهنجي ڪرُسي بچائڻ لاء بي اعتمادي رٿ واري ڏينهن کان اڳ يعني 27 تاريخ تي اسلام آباد واري ڊي چوڪ تي ڏھ لک ماڻھن جمع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي , وزير اعظم جي اعلان جي موٽ ۾ جي يو آء ف جي اڳواڻ فضل الرحمان پاران به پوري ملڪ مان پنهنجي ڪارڪنن کي اسلام آباد پهچڻ جو سڏ ڏنو آهي ھن وڏي سياسي ٽڪراءُ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهڙين حالتن مان جڏھن ملڪ گذريو آهي تڏھن جمهوريت کي نقصان پهتو آهي.  ملڪ جي سياسي پارٽين جي اهو رويو عام طور ڏسڻ ۾ ايندو آھي ته هو ملڪ ۾ سياست کي ڪرنگهي جي هڏي اسٽيبلشمينٽ کي سمجهندا آهن پوء جڏھن اهڙيون ناساز گار سياسي حالتون زور وٺنديون آهن ته هو حمايت حاصل ۽ مخالفت ۾ اسٽيبلشمينٽ کي ٽارگيٽ ڪنديون آھن جيئن هن وقت خاص طور مولانا فضل الرحمان , وزير اعظم عمران آمهون سامهون آهن سياسي بيان بازي فوجي ترجمان پريس ڪانفرنس ڪندي موجوده سياسي ڇڪتاڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ کي ڌُر ڄائائڻ کان تنبيه ڪئي آهي.

وزير اعظم عمران خان جو ڊي چوڪ وٽ ڏھ لک ماڻھن جي گڏ ڪرڻ جو آخر مقصد ڪهڙو آهي, هي جمهوري روايت آهي جيڪڏھن مخالف ڌُر بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي آھي ته انجي ووٽنگ جو انتظار ڪجي باقي هي ڪا جنگ ته ناهي جمهوري ريتون رسمون آهن هن وقت ذريعن موجب مخالف ڌُر جيڪي دعوائون پئي ڪري ته عمران خان ڪنهن ڏڦيڙ ۾ وڃڻ بدران 172 ميمبر پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري موجوده پي ٽي آء حڪومت عمران خان کي وزير اعظم بڻائي جيڪو اتحادين سميت سندس جيڪو اعتمادڪيو اهو سندن سڀني اتحادين مان کڄي ويو ڪوبه سندن ملڻ لاء تيار ناهي چوندا آهن ته اهو ڪو ڪجي جيڪو اوکي ويل ڪم اچي. 

هن وقت عمران خان انتهائي اوکي ويل مان گذري رهيو آهي سندن جهانگير ترين ۽ عليم خان جهڙا ڀروسي وارا ساٿي اتحادي پير ڪڍڻ جي پويان لڳل اٿس, ايم ڪيو ايم جيڪا هميشه وفاقي حڪمرانن جي اتحادي هوندي آهي موجوده پي ٽي آء سرڪارطرفان ڪا لفٽ نه ملڻ تي هن پ پ سان بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان شايد معاملا طئي ڪري ڇڏيا آهن, بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي جي صورت ۾ ن ليگ سميت ٻين پارٽين وڏي صلاح مصلحت بعد صوبائي توڙي وفاقي حڪومت ۾ وزارتن جي ورڇ وارا معاملا به طئي ڪيا ويا آهن. عمران خان جڏھن ڪراچي ۾ فنڪشنل ليگ جي سربراه پير پاڳاري سان ملاقات ٿيڻي هئي پر هن بيماري جو بهانو ڄاڻائي ملاقات نه ڪئي, ايم ڪيو ايم سان گورنر جي معرفت ٿيل ڳالھ ٻولھ ۾ هڪ ٻئي کي ڏوراپا به ڏنا ويا ته ۽ موجوده سياسي صورتحال ۾ بي اعتمادي رٿ تي ايم ڪيو ايم به ڪو موئثر جواب نه ڏئي سگهي آهي ۽ ھن پ پ جي سربراه آصف زرداري سان ملاقات ڪري شايد پڪ ڏني آهي ته هو بي اعتمادي رٿ ۾ کين ساٿ ڏيندا, هوڏانهن جي يو آء طرفان عمران خان جي ڏھ لک ماڻھون گڏ ڪرڻ عمل ۾ فضل الرحمان جي پارٽي به ڊي چوڪ وڃڻ تي تيار آهي هي بي اعتمادي رٿ آ يا ڪا سياسي جنگ آهي؟ 

هن وقت ڊي چونڪ ملڪ جي اعلا آقائن جي توجھ جو مرڪز بڻجي ويو آهي چوڌري ڀائر جنهن جو ملڪ جي سياسيت ۾ شروع کان اثر رسوخ رهيو آهي جنرل هجي يا جمهوريت هنن هميشه اقتدار ۾ رهڻ کي اهميت ڏني وئي آهي تازي جڙندڙ ماحول تي چوڌري شجاعت شجاعت حسين بيان ۾ تبصرو ڪندي چيو آهي سياسي جماعتون يعني جي يو آء ۽ وزير اعظم صاحب پنهنجي سياسي ٽڪراءُ کي ڪنهن اهڙي موڙ ڏانهن نه وٺي وڃن جنهن سان ملڪ کي نقصان پئجي وڃي ۽ انجو دشمن فائدو وٺي وڃي .

ھونئن ئي ملڪ ۾ دشمن قوتون اهڙن موقعن جي تلاش ۾ هجن ٿيون ته پاڪستان ۾ ڪنهن نموني انتشار ڦھلائجي پر اسان جا حڪمران اقتدار جي بُک ۾ ملڪ جي سنگين حالتن جي پرواه نه ڪندي هميشه اقتدار کي قائم دائم رکڻ لاء سياسي شطرنج کيڏندي ملڪ آئين ۽ جمهوري نظام جو ڏيوالو ڪڍندا رهيا آهن موجوده وزير اعظم واعدن مطابق ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ بجاء غير مستحڪم بڻائي ملڪ کي ڪنگال ڪري عالمي ادارن اڳيان هٿ ٽنگڻ ۽ پنڻ تي پهچائڻ جي باوجود به پنهنجي ضد ۽ ھٺ ڌرمي تي قائم آهي بقول چوڌري شجاعت حسين جي ته مخالف جماعتن کي ته لانگ مارچن جو حق آهي پر حڪومت جو جلسا ڪرڻ جو ڪو مقصد ناهي ان مان اندازو لڳائجي ٿو ته عمران خان جو اقتدار ختم ٿيڻ وارو آهي.

جيڪڏھن مخالف ڌُر حڪومت کي قانوني طريقي سان هٽائڻ لاء بي اعتمادي رٿ آڻڻ چاهي ٿي ته عمران خان خيش خوشي اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري باقي هڪ ئي ڏينهن ڊي چوڪ تي ڏھ لک ماڻھون جمع ڪرڻ مان ڪو فائدو ناهي بهتر اهو آهي ته مخالف ڌُر جي پيش ڪيل رٿ کي دل سان قبول ڪيو وڃي ڪنهن سياسي ٽڪراءُ ۾ وڃڻ جو ٻنهي ڌُرين توڙي ملڪ لاء فائديمند ثابت نٿو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو