سنڌ کي علم حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪرڻو پوندو، مهر ڊٻائي

سنڌ کي علم حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪرڻو پوندو، مهر ڊٻائي

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنھوار )سچل ڳوٺ جي شهيد بينظير ڀٽو لائبريري ۾ نالي واري سينئر صحافي ۽ سماج سڌارڪ غوث ٻگهيو جي سالگرهه جي تقريب ٿي. ان موقعي تي ساڻس رهاڻ رچائي ڪيڪ به ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مهورتي تقريب جي صدارت قومي شاعر مهر ڊٻائي ڪئي جڏهن ته مھمان خاص سماجي اڳواڻ اقبال حسين چنا هو. مهر ڊٻائي چيو ته سنڌ کي هاڻي علم حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪرڻ گهرجي، اسان جي ڌرتيءَ جو وجود خطري ۾ آهي ان کي ڪتاب پڙهڻ جي ضرورت آهي سنڌ سڀ کان اول آهي ڌرتي ۽ قوم لاءِ جدوجهد ڪندڙ کي مڃتا ملڻ گھرجي. هن چيو ته غوث قلم ذريعي سنڌ جي جنگ وڙهي آهي. ايم پي اي ڪريم بخش گبول چيو ته آزاد صحافت هڪ جهاد آهي جنهن ذريعي عوام جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچي ٿو غوث سدائين سچ جو ساٿ ڏنو آهي. قادر بخش ڪلمتي چيو ته صحافين کي سچ لکڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو پيو وڃي اجي لالواڻي جو قتل قلم جو قتل آهي پوليس اڃا تائين قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي ڪامريڊ شبير راجپر چيو ته غوث هڪ متحرڪ ڪردار آهي جنهن سدائين عملي ڪم ڪيو آهي. يونس مهر چيو ته عوامي حقن جي صحافت عين عبادت آهي صحافت حڪمرانن کي آئينو ڏيکاري ٿي جيڪو قلم ڌڻي سچ جو ساٿ ڏيندو قوم ان کي اڻ ميون محبتون ارپيندي. محمد سليمان آگري، منظور سيتائي چيو ته غوث ٻگهئي 2010ع جي مها ٻوڏ ۾ متاثرن جي مدد ڪري تاريخي ڪم ڪيو هي سدائين ٻين لاءِ لوچي ۽ سوچي ٿو تاج محمد وساڻ، اقبال چنه چيو ته ميڊيا ملڪ جو اهم شعبو آهي ان ڪري صحافت جي رستا روڪ ڪرڻ بدران ان کي آزادي ڏني وڃي غوث آزاد صحافت جو علمبردار آهي.

Book Launch, Photo Sindhyar

قادر لاشاري، وحيد مراد سيال چيو ته صحافي هن صوبي اندر انتهائي ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪن ٿا پوليس صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي. رياض کيمٽيو، لال محمد چانڊيو، نور نبي ٻگهيو چيو ته صحافين کي اتحاد پيدا ڪري متحد ٿي  ڪم ڪن ته جيئن مثبت نتيجا ملي سگهن. وهاب سومرو سماج سڌارڪ ڊاڪٽر ممتاز علي گوپانگ، محمد نواز ڏاهري، ياسمين چانڊيو، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي غوث ٻگهيو کي سچ سوشل ويلفيئر پاران مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو ۽ اجرڪ، گلن جا تحفا ڏنا ويا ان موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ سڪندر ٻگهيو امتياز مستوئي علي اڪبر مغيري نصر الله جمالي گلاب عطا الله عباسي آمر سپريو شفقت نوناري منصور چانڊيو امر جليل مگسي عبدالحميد جمالي امن راجپر غازي حيدري امدا ڏهر ربنواز ڀٽو ڪرم الاهي چنا بدر علي، علي ڪلهوڙو حاجي غلام نبي ٻگهيو محبوب علي رند عيدل نگراج سيد باقر شاهه علي حسن خاصخيلي محمد سليمان وساڻ شبير ميمڻ سچل وڌيو گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي صحافين نبي بخش خاصخيلي، اعجاز چانڊيو، سيد نعيم شاھ، ثناء اللھ ھڪڙو، ميان نذير احمد عزيز چانڊيو نواز سانگي ڪامريڊ شبير راڄپر حسين بخش ناريجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ۾ فنڪار علي حسن خاصخيلي قومي گيت ڳائي محفل کي جهو مائي ڇڏيو صوفي فنڪار خميسو خان مرلين تي قومي ڌنون وڃائي ويٺلن تي وجد تاري ڪري ڇڏيو.  ان موقعي تي سورهيه بادشاھ پير پاڳاري صبغت الله راشدي جي شهادت جي نسبت سان سڄي پنڊال اٿي بيهي ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪري هن آزادي پسند اڏول انسان کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي پروفيسر محمد صديق انڙ  جي ڪتاب ‘متان پاند پسائيين’ جي مهورت به ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو