سنڌ جي وحدت، ورهاست جا نعرا ۽ وفاقي شعور جو امتحان‎

سنڌ جي وحدت، ورهاست جا نعرا ۽ وفاقي شعور جو امتحان‎

حاڪم علي چانڊيو
سنڌ ڌرتي جڏهن ساهه کڻي ٿي ته ان جي هر ساهه ۾ تاريخ جو وزن آهي تهذيب جي گرمي آهي ۽ قربانين جي خوشبو آهي هي ڌرتي ڪا انتظامي فائيل ناهي ڪا ڊرائنگ روم ۾ ٺاهيل لڪير ناهي هي ڌرتي رت سان لکيل ڪتاب آهي جنهن جا ورق هر دور ۾ سامراجيت اقتداري لالچ ۽ سازشن سان چيرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سنڌ هر ڀيري وڌيڪ مضبوط ٿي بيٺي آهي اڄ جڏهن گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري پنهنجي آئيني حيثيت وساري سياسي ايجنڊائن جو پرچار بڻجي گورنر هائوس کي سازشن جو اسٽيشن بڻائي ويٺو آهي تڏهن خاموشي به ڏوهه بڻجي وڃي ٿي تڏهن لفظن کي تلوار بڻجڻو پوي ٿو.
ايم ڪيو ايم جا بيان ڪو معمولي سياسي اختلاف ناهن هي بيان سنڌ جي وحدت تي سڌو حملو آهن هي بيان پاڪستان جي وفاقي روح تي تيزاب آهن جڏهن هڪ گورنر جنهن جو ڪم وفاق ۽ صوبي ۾ پل بڻجڻ آهي اهو پاڻ باهه ٻاري رهيو هجي ته پوءِ سوال رڳو بيانن جو نٿو رهي سوال رياست جي سنجيدگي جو بڻجي وڃي ٿو سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جا اشارا ريفرنڊم جا نعرا هي سڀ لفظ ناهن هي هٿيار آهن.
سنڌ اسيمبلي هڪ آئيني ادارو آهي جنهن سنڌ جي وحدت بابت واضح ۽ جرئتمند موقف اختيار ڪيو پر ان جي جواب ۾ ڪامران ٽسوري جي ڇانوَ هيٺ گورنر هائوس مان جيڪا سياسي زبان نڪتي ان وفاقيت کي ڪک بڻائي اڏائي ڇڏيو هي ڪو اتفاق ناهي هي منظم سوچ آهي هي اها سوچ آهي جيڪا سنڌ کي ڪمزور ڪري اقتدار جي ميز تي ويهڻ چاهي ٿي
آئين پاڪستان ڪو رانديڪو ناهي جنهن سان هر اقتدار جو بکيو پنهنجي مرضي جو تجربو ڪري آئين واضح چوي ٿو ته ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ ڦيرڦار لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کانسواءِ ناممڪن آهي اها ڳالهه رضا رباني جهڙو آئيني ذهن به چٽي لفظن ۾ چئي چڪو آهي ته انتظامي بنيادن تي نوان صوبا تاريخي غلطي هوندا وفاق لاءِ تباهي جو نسخو هوندا پر ڪامران ٽسوري لاءِ شايد آئين به صرف هڪ ڪتاب آهي جنهن جا صفحا اقتدار خاطر ساڙي سگهجن ٿا
سنڌ ڪا جاگير ناهي جو گورنر هائوس مان اعلان ڪري ورهائي ڇڏجي سنڌ ڪا يتيم ناهي جو هر دور جو طاقتور ان کي آزمائي سنڌ قوم آهي سنڌ تاريخ آهي سنڌ سڃاڻپ آهي ۽ سنڌ جي وحدت تي وار ڪندڙ هر شخص چاهي هو ڪيترو به وڏو عهدو رکي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو
ڪراچي سنڌ جي دل آهي دل کي جسم کان ڌار ڪرڻ جي ڳالهه رڳو بيوقوفي ناهي اها بي رحمي آهي اها سياسي دهشتگردي آهي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جو مطلب سنڌ کي لاوارث ڪرڻ آهي وسيلن کي اغوا ڪرڻ آهي ۽ سنڌي ماڻهن کي سندن ڌرتي تي اجنبي بڻائڻ آهي
سنڌ ٽوڙڻ جو مطالبو ڪو جذباتي نعرو ناهي اهو آئين، تاريخ ۽ وفاقي شعور خلاف کليل بغاوت آهي جيڪي اڄ سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون ڪن ٿا سي رڳو نقشا بدلائڻ نٿا چاهين سي دراصل پاڪستان جي بنيادن کي لوڏي رهيا آهن هي سوال رڳو ڪراچي يا وسيلن جو ناهي هي سوال آهي ته ڇا پاڪستان هڪ وفاقي رياست رهندو يا گروهي دٻاءَ هيٺ ٽٽندو آئين پاڪستان جو آرٽيڪل 1 پاڪستان کي واضح طور وفاقي جمهوريه قرار ڏئي ٿو جتي صوبن جي سڃاڻپ ۽ حدون آئيني تحفظ هيٺ آهن وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته آرٽيڪل 239(4) چوي ٿو ته ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ تبديلي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظوري ڏئي سنڌ اسيمبلي ڪڏهن به ڪنهن به حال ۾ سنڌ جي ورهاست جي منظوري نه ڏني آهي تنهنڪري سنڌ ٽوڙڻ جو هر مطالبو آئيني طور غيرقانوني ۽ سياسي طور فتنوي آهي ان کان علاوه آرٽيڪل 172(3) وسيلن تي صوبائي حق تسليم ڪري ٿو سنڌ کان وسيلن تي حق به کڻڻ ۽ مٿان وري صوبي کي ٽوڙڻ هي رڳو سياسي خواهش نه پر آئيني ڏوهه آهي 1947ع کان پوءِ جڏهن لکين ماڻهو بي سروسامان لڏي آيا تڏهن رياست وٽ ڪو جامع بندوبست نه هو هي تاريخي حقيقت آهي ته ڪراچي حيدرآباد ۽ سکر ۾ رهائش روزگار ۽ واپار سنڌي سماج مهيا ڪيو زمينون گهر دڪان ۽ نوڪريون رياست نه پر مقامي سماج وسيلي مليون 1951ع جي مردم شماري موجب ڪراچي ۾ آبادي جو ڍانچو مڪمل طور بدلجي ويو پر سنڌ ان تبديلي کي تشدد سان نه قبوليت سان منهن ڏنو اها ڪا ڪمزوري نه هئي اها تاريخي ظرفيت هئي پر سوال اهو آهي جيڪا ڌرتي پناه ڏئي ڇا ان کي ٽوڙڻ جو اخلاقي حق پيدا ٿي وڃي ٿو شهري مسئلن پاڻي ٽرانسپورٽ روزگار کي بنياد بڻائي سنڌ ٽوڙڻ جو دليل سياسي فريب آهي ناڪام شهري منصوبابندي جو الزام سنڌ جي وجود تي وجهڻ تاريخ سان ڪوڙ آهي جڏهن ته ورهاڱي جي الميي کان پوءِ سنڌ پنهنجا دروازا کوليا پنهنجا وسيلہ ونڊيا پنهنجو سماج شيئر ڪيو ريلوي اسٽيشنن کان وٺي ڪچين بستن تائين سنڌي سماج ماڻهن کي پناه روزگار تعليم ۽ سڃاڻپ ڏني هي ڪا شاعراڻي دعويٰ ناهي هي تاريخي حقيقت آهي پر قرباني اڪثر وساري ويندي آهي ۽ طاقت ملندي ئي شڪايتون هٿيار بڻجي وينديون آهن اڄ جڏهن سنڌ ٽوڙڻ جا نعرا لڳن ٿا اهي نعرا اصل ۾ ان گڏيل سماج جي سينه تي وار آهن جنهن سڀني کي جاءِ ڏني سنڌ ڪنهن هڪ قوم جي جاگير ناهي پر سنڌ ورهاست قبول نٿي ڪري ڇو ته سنڌ جي روح ۾ ورهاست ناهي وسيلن جي اڻبرابري روزگار جا مسئلا ۽ شهري بحران صوبو ٽوڙڻ سان حل ناهن ٿيندا اهي مسئلا خراب حڪمراني مرڪزي تسلط ۽ سياسي استحصال جو نتيجو آهن جڏهن هر ناڪامي جو الزام سنڌ جي سڃاڻپ تي وڌو وڃي ٿو تڏهن اصل مجرم نااهل پاليسيون ۽ طاقتور مفاد پردي ۾ لڪي وڃن ٿا سنڌين جي مهمان نوازي کي ڪمزوري سمجهڻ تاريخي غلطي آهي سنڌ ڪڏهن به پنهنجي ڌرتي تان هٿ نه کنيو آهي هن ڌرتي تي سڀني لاءِ جاءِ آهي پر ڌرتي کي ڇنڻ جي ڪوشش برداشت نه ٿيندي گڏيل رهائش جا حق آهن پر ورهاست جا نعرا حق نه سياسي بليڪ ميلنگ آهن اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نفرت جي سياست کي رد ڪيو وڃي ۽ گڏيل جدوجهد کي اڳتي وڌايو وڃي سنڌ ٽوڙڻ سان نه جمهوريت مضبوط ٿيندي نه مسئلا حل ٿيندا ان سان رڳو شڪ خوف ۽ نفرت وڌندي سنڌ جو ڪيس صاف آهي تاريخ اسان سان آهي آئين اسان سان آهي انسانيت اسان سان آهي سنڌ سوال نه آهي سنڌ جواب آهي ان سڀني لاءِ جيڪي گڏ رهڻ گڏ وڌڻ ۽ گڏ سنوارڻ تي يقين رکن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو