سلمان خان جي پاڪستاني اداڪارن سان گڏ ڪم جي خواهش

سلمان خان جي پاڪستاني اداڪارن سان گڏ ڪم جي خواهش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان پاڪستاني اداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. سلمان خان هن وقت پنهنجي فلم ‘سڪندر’ جي پروموشن ۾ مصروف آهي، جيڪا 30 مارچ تي وڏي پردي تي ريليز ڪئي ويندي. ان دوران، اداڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي مختلف سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستاني اداڪارن سان ڪم ڪرڻ بابت پڻ ڳالهايو. سلمان خان کان پڇيو ويو ته ڇا توهان پاڪستاني اداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيندؤ؟ جنهن تي سپر اسٽار چيو”مان پاڪستاني اداڪارن سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، هو حڪومت ۽ ويزا جي اجازت وٺي اچي سگهن ٿا.” واضح رهي ته متعدد پاڪستاني مشهور اداڪارن بالي ووڊ ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ سجل علي، فواد خان، ماهره خان، علي ظفر، جاويد شيخ، عمران عباس ۽ ٻيا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو