اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سعودي عرب جي “گو ٽيلي ڪميونيڪيشنز گروپ” هن مهيني پاڪستان ۾ هڪ مصنوعي ذهانت (AI) حب جي شروعات ڪندو، جنهن جو مقصد گڏيل طور تي ڊيجيٽل حل تيار ڪرڻ ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ آهي. هي اعلان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشنز جي وفاقي وزير شزا خواجه جي سعودي عرب جي دوري دوران ٿيو، جتي هن سعودي ويزن 2030 ۽ پاڪستان جي نيشنل AI پاليسي 2025 جي فريم ورڪ تحت ٻطرفي تعاون بابت ڳالهايو. وزارتِ آءِ ٽي جي جاري ڪيل بيان موجب، شزا خواجه رياض ۾ گو ٽيلي ڪميونيڪيشنز گروپ جي سي اي او يحيٰ بن صالح المنصور سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر، مصنوعي ذهانت، ۽ انساني سرمائي جي ترقي بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. وزارت موجب شزا خواجه چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ترقي ۽ ڊيجيٽل اڳڀرائي تي ٻڌل هڪ گهري ۽ وڌندڙ شراڪتداري رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته “گو AI هب پاڪستان” جهڙن منصوبن ذريعي اسان اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ، نوجوانن کي ڊيجيٽل مهارتن ذريعي بااختيار بڻائڻ، ۽ علم تي ٻڌل گڏيل مستقبل جي ويزن کي تيز ڪرڻ چاهيون ٿا. پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ گهرا مذهبي، ثقافتي، سفارتي ۽ حڪمتِ عملي تي ٻڌل لاڳاپا آهن، ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ دفاع جي شعبي ۾ به خاص تعلقات آهن، سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني تارڪينِ وطن رهن ٿا، جيڪي پاڪستان لاءِ زرِ مبادله جو وڏو ذريعو آهن. وزارت موجب “گو AI حب” هڪ خصوصي مرڪز هوندو، جيڪو مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل جدت لاءِ قائم ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد علم جي منتقلي ۽ صلاحيتن ۾ واڌارو آهي. ٻنهي اڳواڻن ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي توسيع، ڊيٽا سينٽر جي ترقي، ۽ پاڪستان ۾ ٽيڪنيڪي ٽيلنٽ ڊولپمينٽ سينٽر قائم ڪرڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن مستقبل ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائي سگهجي. گو ٽيلي ڪميونيڪيشنز گروپ جي سربراهه چيو ته پاڪستان جي وزيرِ آءِ ٽي سان ملاقات ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مضبوط امڪانن کي نمايان ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني مارڪيٽ ۾ گروپ جي توسيع اسان جي اسٽريٽجڪ ويزن جو حصو آهي، جيڪو متنوع موقعن ۽ ڀائر ملڪن سان مضبوط شراڪتداري کي فروغ ڏيڻ تي ٻڌل آهي. ريڊيو پاڪستان موجب، شزا خواجه ان کان اڳ سعودي ڊيٽا ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس اٿارٽي (SDAIA) جي صدر ڊاڪٽر عبدالله بن شرف الغامدي سان به رياض ۾ ملاقات ڪئي، جتي ٻنهي اڳواڻن سعودي ويزن 2030 ۽ پاڪستان جي نيشنل AI پاليسي 2025 جي فريم ورڪ تحت باہمي تعاون جي واڌاري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سعودي عرب ويزن 2030 تحت پنهنجي معيشت کي جديد بنيادن تي استوار ڪري رهيو آهي، جنهن جو مقصد تيل تي انحصار گهٽائڻ ۽ صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر، آءِ ٽي، تفريح ۽ سياحت جي شعبن کي ترقي ڏيڻ آهي. ٻئي پاسي، پاڪستان جولاءِ 2025 ۾ نيشنل AI پاليسي جي منظوري ڏني، جنهن جو مقصد مصنوعي ذهانت کي عام ڪرڻ، عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ، ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. سرڪاري ميڊيا موجب، هن پاليسي تحت ايندڙ پنجن سالن ۾ 50 هزار AI تي ٻڌل عوامي منصوبا ۽ هڪ هزار مقامي AI شيون تيار ڪيون وينديون، جڏهن ته حڪومت جو ارادو آهي ته هر سال 3 هزار AI اسڪالرشپ ۽ هڪ هزار ريسرچ منصوبا شروع ڪيا وڃن ته جيئن مصنوعي ذهانت جو استعمال وڌائي سگهجي.










