برلن(ويب ڊيسڪ) جرمن ريسرچ ليب جي سائنسدانن هڪ الٽرا-ٿن يعني تمام سنهي ، لچڪدار اليڪٽرانڪ چمڙي (اي-اسڪن) تيار ڪئي آهي، جيڪا هڪ ئي گلوبل سينسر ذريعي مقناطيسي فيلڊ کي سڃاڻڻ ۽ ٽريڪ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. گذريل ڊيزائنن جي ابتڙ، جن کي متعدد سينسرز ۽ اليڪٽرانڪس جي ضرورت پوندي هئي، هي نئين اي-سڪن وڌيڪ ڪارگر آهي ۽ ماڻهوءَ جي چمڙي ۽ دماغ جي رابطي جيان ڪم ڪري ٿي. هن جدت کي وڌيڪ دلچسپ بڻائيندڙ ڳالهه اها آهي ته هي ٽچ کانسواءِ رابطن کي ممڪن بڻائي ٿي. تنهنڪري، هي اي-اسڪن استعمال ڪندي اوهان نمي وارن، انتهائي حالتن يا حساس ماحول (جهڙوڪ پاڻي هيٺ يا جراثيم کان پاڪ ليبارٽريز) ۾ ڊوائيسز آپريٽ ڪري سگهو ٿا. هي اي-اسڪن روبوٽن کي مقناطيسي فيلڊز ذريعي ڇهاءُ جو احساس ڏئي سگهي ٿي، انسانن کي ڪنهن به فزيڪل ڪنٽرولر کانسواءِ ڊجيٽل ماحول (ورچوئل ريئلٽي) سان رابطي جو موقعو فراهم ڪري سگهي ٿي، ۽ ڇهڻ جي صلاحيت وڃائيندڙ ماڻهن کي ڪجهه مهارتون ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. روايتي اي-اسڪن ڪيترن ئي سينسرز، بيٽرين ۽ اليڪٽرانڪ جزن تي مدار رکندي آهي، جنهن سبب اهي ڀاري، وڌيڪ توانائي خرچ ڪندڙ ۽ غير عملي بڻجي وينديون آهن. انهن حدبندين کي ختم ڪرڻ لاءِ، تحقيق ڪندڙن اهڙي اي-اسڪن ڊيزائن ڪئي، جيڪا انساني چمڙي وانگر وڌيڪ قدرتي نموني ڪم ڪري ٿي.










