ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ منعقد ڪيل ٻن ڏينهن وارو آل سنڌ ملاکڙو مقابلو 2025 پڄاڻي تي پهتو آهي. پڄاڻي واري تقريب جو مهمان خاص، سيڪريٽري اسپورٽس سنڌ منور علي مهيسر، فائنل ۾ ڪامياب ملهه پهلوانن ۾ هڪ لک رپين کان وڌيڪ نقد انعام ۽ ٽرافيون ورهايون. هن موقعي تي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پهلوانن کي شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا. سنڌ جي 30 ضلعن مان 100 کان وڌيڪ ملهه پهلوانن مقابلي ۾ حصو ورتو. اختتامي تقريب ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري اسد اسحاق، ڊي ايس او اسماعيل شاهه، فريد علي، سني پرويز، محمد عثمان، علي ڏنو گوپانگ ۽ ٻيا معزز ماڻهو پڻ موجود هئا. ترجمان موجب پهرين جوڙي جي فائنل ۾ ملهه پهلوان منٺار بگٽي مقابلو کٽيو، جڏهن ته ملاکڙی ۾، ڪرم علي بگٽي ٻئي، بابر علي جمالي ٽئين ۽ امتياز علي مگڻھار چوٿين نمبر تي رهيو.سنڌ جي راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر ان موقعي تي چيو ته ”ملاکڙو سنڌ جي هڪ قديم سڃاڻپ آهي، ۽ سنڌ حڪومت هن روايتي راند کي فروغ ڏيندي ۽ ملهه پهلوانن جي سرپرستي ڪندي رهندي.










