آسٽريلوي ڪوچ پاران پاڪستان جو تاريخي قرار

آسٽريلوي ڪوچ پاران پاڪستان جو تاريخي قرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ پاڪستان جي دوري کي تاريخي قرار ڏنو آهي. آسٽريلوي ڪرڪيٽ ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ آن لائن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان جو تاريخي دورو ڪامياب رهيو جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو ۽ هتي تمام سٺي ڪرڪيٽ کيڏي وئي.هن چيو ته اسان وٽ سيريز جي پهرين ميچ کٽڻ ۽ ٻي ميچ کٽڻ جو موقعو هو، بابر اعظم ون ڊي سيريز شاندار انداز ۾ کيڏيو آهي ۽ ٻين پاڪستاني ڪرڪيٽرن به سٺي راند کيڏي آهي، پاڪستان جا ايمرجنگ رانديگر به سٺي راند کيڏي رهيا آهن،آسٽريلوي ڪوچ چيو ته مون ڪرڪيٽ آسٽريليا سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي آهي، مون کي خبر ناهي ته مستقبل ۾ منهنجي نوڪري جو ڇا ٿيندو، پر مون کي هتي ڪوچنگ جو شاندار تجربو ٿيو آهي ۽ مان ان مان لطف اندوز ٿيو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو