شاهد آفريدي جي شيلٽر هوم ٺاهڻ بابت وزيراعظم سان ملاقات

شاهد آفريدي جي شيلٽر هوم ٺاهڻ بابت وزيراعظم سان ملاقات

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسٽارڪرڪٽر شاهد آفريدي وزيراعظم عمران خان سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سينيٽر فيصل جاويد ۽ نعيم الحق به ملاقات م موجود هئا. شاهد آفريدي وزيراعظم کي چيو ته نجي شعبي جا ڪافي فرد ۽ ادارا شيلٽر هوم سميت فلاحي ڪمن ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن. جنهن تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان لاءِ واسطيدار ادارا کين سهولت فراهم ڪن جيئن جلدي ملڪ ۾ شيلٽر هوم تعمير ٿي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو