متحده عرب امارات جو صدرلاڏاڻو ڪري ويو

دبئي(ويب ڊيسڪ)يو اي اِي جو صدر شيخ خليفي بن زيد النهيان لاڏاڻو ڪري ويو. يو اي اي جي سرڪاري نيوز ايجنسي خليفي بن زيد النهيان جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته صدر جي لاڏاڻي تي 40 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب شيخ خليفي بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي 40 ڏينهن سوڳ ۽ 3 ڏينهن جي عام موڪل هوندي، جنهن دوران قومي جهنڊو نه ڦڙڪايو ويندو.صدارتي اعلان ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي سرڪاري ۽ خانگي شعبن ۾ ٽن ڏينهن جي موڪل هوندي.شيخ خليفي بن زيد النهيان 3 نومبر 2004ع کان يو اي اي جو حڪمران آهي ۽ هن پنهنجي والد شيخ زيد بن سلطان النهيان جي وفات کانپوءِ يو اي اي جي قيادت سنڀالي.

پهنجو تبصرو موڪليو