ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روسي صدر ولاديمير پيوٽن يهودين بابت پرڏيهي وزير جي بيان تي اسرائيل کان معافي گهري ورتي آهي. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف يوڪرين جي صدر زيلنسڪي جي حوالي سان چيو آهي ته هٽلر جي رڳن ۾ به يهودين جو رت هو.سرگئي لاوروف چيو ته هوشيار يهودين جو چوڻ آهي ته خود يهودي آهن جيڪي سامي يهودين خلاف سڀ کان وڌيڪ پرجوش آهن. جڏهن ته هاڻ صدر پيوٽن يهودين بابت پرڏيهي وزير جي بيان تي اسرائيل کان معافي گهري ورتي آهي.










