اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان لاءِ سال 2021 يادگار سال بڻجي ويو.آءِ سي سي ٽي 20 ڪرڪيٽر آف دي ايئر کانپوءِ رضوان وزڊن ليڊنگ ٽي 20 ڪرڪيٽر آف دي ايئر 2021 جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو.وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين گذريل سال 29 ميچن ۾ 73.6 جي اوسط سان 1326 رنسون ٺاهيون.انگلينڊ جي جو روٽ کي وزڊن جي سال جي بهترين ڪرڪيٽر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي ليسلي لي کي سال جي بهترين وومين ڪرڪيٽر قرار ڏنو ويو. جسپريت بمرا، ڊيون ڪنوي، اولي رابنسن، روهت شرما ۽ ڊين وان نيڪرڪ وزڊن جي پنجن بهترين رانديگرن ۾ شامل آهن.










