لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڊچ هيڊ ڪوچ سگفڊ ايڪمن چيو ته مان جادوگر ناهيان ، منهنجي هٿ ۾ جادو جي ڇڻي ناهي، تنهن ڪري مان ايشيا ڪپ مان ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ جي ضمانت نه ٿو ڏئي سگهان.لاهور ۾ ٽريننگ ڪيمپ جي موقعي تي قومي ٽيم جي ڪوچ جو چوڻ هو ته هو ايشيا ڪپ کان اڳ ايندڙ هفتي يورپ جي دوري لاءِ روانا ٿي رهيا آهن، هي اهم دورو آهي، هاڻ پاڪستان خلاف کيڏنداسين. هي اسان لاءِ سٺو موقعو آهي ڇو ته اسان کي مٿين سطح تي کيڏڻ جي عادت نه آهي، هاڻي جيڪڏهن اسان کي موقعو مليو ته اسان کي ان مان فائدو کڻڻو پوندو.










