تعليم جي تباهي ۽ ان جا اصل سبب ڪهڙا آهن؟

ليکڪ  گلشن سنڌو

تعليم شعور جي اک آ, انسان کي صحيح معني ۾ انسان بنائي ٿي يعني هڪ تعليمي يافته فرد شعور جي طاقت سان لاشعور کي شڪست ڏيندي, هڪ ڄاڻ ,معلومات جي خزاني سان ذهن کي سيراب ڪندي سمجھ, عقل , فهم فڪر ۽ سوچ جو نج ٻج ڇٽي ڌرتيء جي گولي تي انيڪ املھ با شعور نسلون تخليق ڪري ٿو علم صرف ڪتاب پڙهڻ جو نالو ناهي علم  ڄاڻ جو اهو مضبوط  خزانو آهي جنهن سان ڪاميابين جا ڏاڪا آسانيء سان عبور ڪندي پنهنجي ترقيء جي منزلن ڏانهن وڌي سگهجي ٿو اها منزل جيڪا روشنين جي منزل هوندي آهي اها منزل جيڪا دل کي سڪون ۽ دماغ کي نواڻ ۽ تازگي بخشي ٿي ,  پر اها ئي روشني اسان جي غير ذمه دارانه روين, لاپرواهي ء سبب اونداهين جي اونهي اوڙاھ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي جيڪا نسلن جون نلسون تباه ڪري ڇڏي ٿي جنهن سبب قومون زوال جي راه راھي ٿين ٿيون جنهن جي هاڃي جو پورائو ناممڪن جي حدن کي ڇهندي مايوسين طرف ڌڪيندو وڃي ٿو ان علم,تعليم جي تباهي جو ڪارڻ هر اهو ماڻهو آهي جيڪو انهي ء جي دائري اندر اچي ٿو شاگرد,استاد, والدين ,مئنجمينٽ, ۽ اڄڪلھ ڪورونا جي وبا پڻ تعليمي تباهيء جو ڪارڻ بڻي.

تعليم جي تباهي ۽ شاگرد

جڏهن به اسان ڪنهن به ذميداري مان فرار حاصل ڪرڻ جا بهانا ڳوليندا آهيون ته پوء ٻين تي ڀاڙڻ لڳندا آهيون شاگرد جڏهن تعليم پرائيندو آهي ته هو چاهيندو آهي ته سڀ ڪجھ کيس ٺھيل ٺُڪيل ملي اگر اسڪول مان اچي ته هن سڄو هوم ورڪ وري ٽيوشن وارو ڪرائي ائين ئي شاگرد ڪلاس ۾ لاپرواهي ڪرڻ لڳي ٿو هن کي خبر آهي ته کيس اگر ڪلاس ۾ ڪا شي سمجھ ۾ نه به آئي ته گهر وڃي ٽيوشن ٽيچر کان ڪرائيندو ۽ اها عادت ٻار مان احساس ذميداري کي ختم ڪري ٿي جنهن سبب سندس تعليمي ڍانچو ڪمزور ٿي وڃي ٿو ٻار جي عدم دلچسپي تعليم جي  تباهي جو ڪارڻ آهي شاگرد کي هميشه پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي جنهن سان نه صرف خود اعتمادي وڌي ٿي بلڪه ٻار پاڻ به دلي خوشي محسوس ڪندي ڪجھ لکي پنهنجي ناليج ۾ اضافو به ڪري سگهي ٿو

تعليم جي تباهي ۽ استاد

تعليم جي تباهي جو هڪ اهم سبب استاد پڻ آهن جيڪي ڪاليج  اسڪولن ۾ ته صحيح نه ٿا پڙهائين, پر وري انهن جي ٽيوشن سينٽرن تي پڙهندڙ ٻار وري پوزيشن هولڊر ٿي ٽيوشن واري ٽيچر جي نيڪيء جا ڳڻ ڳائيندا وتندا يعني استاد ٽيوشن تي توجھ سان پڙهائين ٿا ۽ اسڪول ۾ صحيح نه ٿا پڙهائن, جنهن سبب حقدار ٻار جيڪي پنهنجي ذهانت سان نمبر کڻي سگهن ٿا اهي نمبر شماريء ۾ پٺيان رهجيو وڃن ڇوته اگر تعليم کي ڪاروبار سمجهي هلائبو ته سڀ کان وڏو نقصان غريب طبقي کي ٿيندو آهي جيڪي مالي طرح ٽيوشن پڙهائڻ جي حيثيت به ناهن رکندا جنهن سبب ٻار جي تعليمي مستقبل کي نه صرف هاڃو رسي ٿو بلڪه غريب ماڻهن جي ٻارن جي پڙهڻ ۾ دلچسپي ختم ٿيڻ لڳي ٿي. 

تعليمي تباهي ۽ والدين

ٻار جي پهرئين اخلاقي تربيت , سندس گهر کان ٿئي ٿي انڪري انهن سٺن اخلاقن سميت سٺي تعليم پڻ ڏيارڻ گهرجي اسان جي مذهب اسلام  والدين تي اها ذميداري واجب ڪئي آهي ته هو اولاد جي نه صرف تربيت سٺي ڪن بلڪه تعليم جي زيور سان به کين آراسته ڪن جيڪو سندن اولين فرض آهي پر اڄڪلھ جي مصروف دور ۾ والدين پنهنجون ذميداريون وساري ويٺا آهن هو سمجهن ٿا ته اسڪول وڃڻ ٽيوشن پڙهڻ سان ئي ٻار ڪاميابيء طرف راغب ٿئي ٿو پر سندن اها خوشفهمي ,تڏهن مايوسيء ۾  تبديل ٿي وڃي ٿي جڏهن ٽيوشن تي هزارين روپيه خرچ ڪرڻ باوجود سندن اولاد فيل ٿيو پوي ان جو سبب موروثي ذهن به هوندو آهي جيڪو کيس ورثي ۾ ملندو آهي جنهن جي تبديلي وري گهر جي فردن جي محنت ۽ جهد مسلسل سا ئي ممڪن تي سگهي ٿي, ان لاء والدين کي به پنهنجي ذميداري محسوس ڪرڻي پوندي والدين کي پنهنجي ٻار کي Lookafter ڪرڻو پوندو ته آخر ۽ انهن جو ٻار ڇا پڙهي رهيو آهي ٻين تي ڀاڙڻ بجاء ٻار کي ڏسجي هفتيوار ٽيسٽ وٺجي ته جيئن سمجهي سگهجي ته ٻار هوشيارائپ جي ڪهڙي ليول تي پهتل آهي ٻارن جي اسڪول به ضرور وڃڻ گهرجي ٻار جي پوزيشن معلوم ڪجي ته ٻار ڪيترو ذهين آهي يا اهو معلوم  ڪجي ته پڙھڻ جو  شوق گهٽيو آهي يا وڌيو آهي پر اڄڪلھ جي والدين ۾ ذميداريء جو احساس گهٽجي ويو آهي جيڪڏهن  والدين پنهنجي ذميداري وساري ويهندا ته تعليم تباهيء سماج کي وڪوڙي ويندي.

تعليمي تباهي ۽ مئنجمينٽ

تعليمي ادارا قائم ته ڪيا وڃن ٿا پر صحيح معني ۾ انهن جي پرگهور نه ٿي لهجي سرڪاري سطع تي قائم ٿيل ادارا مينهن جي واڙن ۽ وڏيري جي اوطاق ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا پر سرڪار ڪڏهن مڙي به وري انهن جي جانچ نه ٿي ڪري, پرائيويٽ اسڪولن وارا وري گهڻي قدر تعليم کي ڪاروبار سمجهي هلائين ٿا ڳريون فيسون رکن ٿا جيڪي غريب جي پهچ  کان وڏي هونديون  آهن اها تعليم جي خدمت نه پر تعليم جي تباهيء جو ڪارڻ بڻجي ٿي.

تعليم جي تباهي ۽ ڪورونا وائرس

2019 ۾ ڪورونا جي وبا ڪنهن ڪاريهر  وانگر سڄي دنيا تي حملو ڪيو جنهن سان دنيا جو نقشو ئي تبديل  ٿي ويو جتي معاشي نقصان پهتا اتي ٻارن جي نفسيات سميت تعليم به تباه ٿي ويئي سڄي سال ۾ ٻار 50 ڏينهن به مشڪل سان تعليمي ادارن ۾ ويا سليبس ڪمپليٽ نه ٿيا غريب ٻارن وٽ آن لائين ڪلاسون وٺڻ لاء پئسا نه هيا جنهن سبب سندن  گهڻو تعليمي نقصان  ٿيو وبا جي خوف الڳ ٻارن جي ذهنن تي منفي اثر ڇڏيا. ٻار اسان جو آئيندو آهن پر مستقبل جي روشن خواب جي تعبير آهن اسان جي آس ۽ اميد آهن تنهن ڪري تعليم جي اوسر لاء سڀ ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندي تعليم کي هٿي وٺائڻي پوندي ته جيئن ترقيء جا خواب ساڀيان ٿين.

پهنجو تبصرو موڪليو