ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اداڪارا اُشنا شاهه ڪورونا ويڪسين جا 2 ڊوز لڳرائڻ بعد به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. انسٽا گرام تي هن دوستن ۽ فالوئرز کي اطلاع ڏنو آهي ته مون ٻه ڊوز لڳرايا پوءِ به منهنجو ٽيسٽ مثبت آيو آهي ۽ مان پاڻ کي تنهائي ۾ رکيو آهي. اُشنا شاهه ٽي وي سيريل بشر مومن، الف الله اور انسان ڊرامن مان شهرت حاصل ڪئي هئي. سندس مداحن پاران پوسٽ تي همدردي ظاهر ڪندي سندس جلد صحتيابي جون دعائون ڪيون پيو وڃن.










